شادي فقير

شادي فقير

شادي فقير

شادي فقير: نامور راڳي شادي فقير، 1943ع ڌاري ڳوٺ ابوبڪر سومرو (نونهيون) تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ اڪبر فقير مڱڻهار جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ڏاڏو عيسو فقير پنھنجي دؤر جو بھترين سارنگي نواز ۽ دهلاري هو. شادي فقير، پندرهن سالن جي عمر ۾ 1958ع ڌاري مشھور فنڪار استاد خير محمد خان جي شاگردي اختيار ڪري وٽس راڳ سکڻ لڳو ۽ 1964ع تائين وٽس سکيا هيٺ رهيو. استاد خير محمد خان جي وفات بعد پاڻ راڳ جي پارکو سيد محمد زمان شاھہ وٽ مٽياريءَ ۾ رهڻ لڳو، جنهن وٽ ان دؤر جا ڪيترا وڏا فنڪار محفلون ڪندا هئا. شادي فقير 1969ع تائين مٽياريءَ ۾ رهي مختلف فنڪارن کان راڳ جي سکيا وٺي پنھنجي ڳوٺ آيو ۽ محفلن ۾ ڳائڻ جو آغاز ڪيائين. شادي فقير 1972ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان وابستہ ٿيو ۽ ڪيترا پروگرام ڪري پنھنجي فن ۾ مقبوليت حاصل ڪيائين. کيس غزل، ڪافي، گيت ۽ ڪلام جو بھترين گائڪ تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس خاص شاگردن مان استاد شفيع فقير، فتح محمد فقير، قاسم اوٺو ۽ ڪالو فقير راڳ جي دنيا ۾ وڏي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. شادي فقير 25 آڪٽوبر 1980ع تي لاڙ جي مشھور بزرگ سمن سرڪار جي ميلي تي ڳائڻ دوران دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪئي. شادي فقير جي آخري آرامگاھہ عمرڪوٽ ۾ چاند بيبي قبرستان ۾ آهي.


لفظ شادي فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1980.10.25  عيسوي

شادي فقير 25 آڪٽوبر 1980ع تي لاڙ جي مشهور بزرگ سمن سرڪار جي ميلي تي ڳائڻ دوران دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪئي. شادي فقير جي آخري آرامگاهه عمرڪوٽ ۾ چاند بيبي قبرستان ۾ آهي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زيب النساءَ2
پکراج ملڪہ
بينجمن سسٽرز
فوزيہ سومرو
صوفي آزاد فقير
آزاد صوفي گائڪ
فيروز گل
رمضان علي خان
بالي اقبال
سيد نور شاھہ 2
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون