
شادي شهيد فقير جو مقبرو
شادي شھيد فقير جو مقبرو: ممتاز ڪاليج خيرپور ميرس وٽان هڪ رستو موڙ کائي ٽن مشھور درگاهن لونگ فقير، شادي شھيد ۽ درگاھہ ڇٽڻ شاھہ ڏانهن وڃي ٿو. درگاھہ شادي شھيد خيرپور ميرس کان 20 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي اوڀر طرف آهي. مقبري جي چوڌاري هڪ وسيع قبرستان آهي. مقبرو ٽڪرين جي وچ ۾ آهي. هن مقبري تي روزانو سوين ماڻهو زيارت ڪرڻ لاءِ اچن ٿا.مقبرو چورس رٿ جو سادي نموني اڏيل آهي. چوڌاري ننڍڙي ديوار جو احاطو ڏنل آهي. مقبري جي مهاڙي سادي آهي. لنگهہ وارو در نوڪائين ونگ سان ٺهيل آهي. در جي مٿان بہ طاق ڏنل آهي. پيش طاق جي پاسن کان بہ 2 مستطيل نسبتاً هيٺاهان طاق ٺهيل آهن، جن ۾ بہ چوراسا ٺهيل آهن. هر پاسي چار چار چوراسا آهن. پيش طاق جي ڪنڊن تي نيلون آهن، وچ تي ڪنگرا ٺهيل آهن. پيش طاق جي ٻنهي پاسن جي مٿان بہ ساڳيو انگ ورجايل آهي. مقبري جي ڇت مٿان وڏو گنبذ آهي. گنبذ جي مٿان ابتو ڪوڻيءَ جو گل ۽ ان جي مٿان ڪلس ڏنل آهي. گنبذ اندران سينگاريل آهي. مقبري ۾ اندر 9 قبرون آهن، جن مان هڪڙي شادي شھيد جي آهي. فقير شادي شھيد جو مفصل احوال ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ پنھنجي ٿيسز ۾ ڏنو آهي، جنهن مطابق سندس والد جو نالو محراب خان هو، جيڪو ذات جو رند هو. هڪ ٻئي محقق موجب درگاھہ 1817ع ڌاري قائم ٿي.