شائق واڌو مل لالچند لعل

‘شائق’ واڌو مل لالچند لعل: هندستان جي نامور سنڌي فنڪار، موسيقار، اداڪار ۽ ليکڪ واڌو مل لالچند لعل ‘شائق’ جو جنم 08 سيپٽمبر 1921ع تي سکر، سنڌ ۾ ٿيو. سندس تعليم سينيئر ڪئمبرج هئي. هيءُ سنڌ جو نامور فنڪار ۽ موسيقار هو. هن سون جي تعداد ۾ گيت، غزل ۽ ڀڄن چيا. ورهاڱي کان اڳ ڪراچيءَ ۾ لاهور مان نڪرندڙ ٻين فنڪارن جي ڪلامن جي موسيقي ترتيب ڏني. هن نامور سنڌي فنڪار ڀڳت ڪنوررام جي چيل ڪلامن جي پڻ موسيقي تيار ڪئي. واڌومل هزماسٽرس وائيس ۽ ڪولمبيا رڪارڊنگ ڪمپنيءَ ۾ ميوزڪ ڊائريڪٽر ۽ رڪارڊنگ مئنيجر پڻ رهيو، جنهن دوران ماسٽر چندر، رونا ليليٰ، ڪنور ڀڳت ۽ جيوڻي ٻائيءَ سميت ڪيترن ئي استاد فنڪارن کي متعارف ڪرايائين. ورهاڱي سبب هندستان هليو ويو، جتي ڀوپال ۾ رهائش اختيار ڪيائين. واڌو مل شاعر پڻ هو. هن ڪيترائي گيت ۽ ڀڄن لکيا ۽ ڪجهہ ناٽڪن ۾ اداڪاري پڻ ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1921.09.08  عيسوي

واڌو مل لالچند لعل ‘شائق’ جو جنم 08 سيپٽمبر 1921ع تي سکر، سنڌ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ديپڪ آشا
پنڊت ڀڄن سوپاري
چوڌري فضل الاهي
رئيس امروهوي
جمعو مُلون
صديقي سليم الزمان ڊاڪٽر
راجا ظفرالحق
رشدالله شاھہ امروٽي
سيد مير لطف ﷲ سيوستاني
سيد ميران محمد شاھہ مير مهجور ٽکڙائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون