سھجوءَ جو دڙو

سھجوءَ جو دڙو: ’سون ٿرڙيءَ‘ جي ڀر ۾ ’مقصودي جي ڪُور‘ کان 3 ڪلوميٽر اوڀر طرف ۽ شھداد ڪوٽ شھر کان 23 ڪلوميٽر اتر - اوڀر ۾ ڳوٺ سهجو بروهيءَ جي ماڳ وٽ ڪل 3 دڙا آهن، جن مان 2 دڙا مقام بڻجي ويا آهن، جڏهن تہ باقي ٽيون دڙو ڳڙهي خيري تعلقي جي حدن ۾ اچي ويو آهي. هنن ٽنهي دڙن مان ٻہ ننڍا دڙا اٽڪل 8 جريب ايراضي والارين ٿا ۽ اٽڪل 6 فوٽ کن اوچا آهن، جڏهن تہ انهن مان سڀ کان وڏو دڙو سھجوءَ جو دڙو آهي، جنهن جي اوچائي 25 فوٽن کان بہ سرس ٿيندي. سهجو بروهيءَ وارو ڳوٺ شھداد ڪوٽ تعلقي جي اتر اڀرندي ڪنڊ وٽ آهي، سهجو جو دڙو پنھنجي نالي واري ڳوٺ جي اوڀر ۾ اٽڪل ڏيڍ ڪلوميٽر جي وٿيءَ تي واقع آهي، جتي کوٽائيءَ کان سواءِ دڙي ۾ پوريل شيون ڏسڻ ممڪن نہ آهن. هتان سرن جا ٽوٽا، چٽيل ٺڪريون، پٿرن جي اوزارن جا پاساڙا، مٽيءَ جون پڪل چوڙيون، ڪاري رنگ جا ٿانوَ، لوھہ جا ٽڪرا، سپيون ۽ ٻيون ڪيتريون نراليون شيون مليون آهن. هيءُ دڙو چڱي ايراضيءَ ۾ ڦهليل آهي. اندازو آهي تہ هن وسنديءَ کي پنھنجي آبادڪاريءَ وقت سکر واھہ، بيگاري واھہ ۽ مقصودي جي ڪُور مان پاڻي جهجهي مقدار ۾ ملندو هوندو، سکر واھہ ۽ بيگاريءَ کي تہ ڪن تاريخدانن سنڌو درياھہ جا قدرتي ڦاٽ سڏيو آهي، جن کي ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن جي دور ۾ سنواريو ۽ سڌاريو ويو هو، جڏهن تہ مقصودي جي ڪُور، ڪلهوڙا دور جي نامياري جرنيل ميان شاھہ بھاري (ولادت: 1665ع، وفات: 1735ع) جي وڏي ڀاءُ مقصودي فقير جي کوٽايل آهي.


لفظ سھجوءَ جو دڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو