
سڳالچند مڪواڻو
سڳالچند مڪواڻو: ٿرپارڪر جي مشھور سماجي ورڪر ۽ ڪانگريسي اڳواڻ، ڪامريڊ سڳالچند ولد سترامداس مينگهواڙ جو جنم، 11 اپريل 1914ع تي تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ آڌيگام ۾ ٿيو. پرائمري تعليم ڪانگريس پاران جوڙايل پرائمري اسڪول آڌيگام ۾ ورتائين، جڏهن تہ مئٽرڪ جو امتحان ممبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. سيڪنڊري تعليم گانڌي آشرم اسڪول ننگر پارڪر مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد کيس جـلد ئي روينيو کاتي ۾ ڪلارڪيءَ جي نوڪري مـلـي وئي، جتي ڪجهه عرصو ڪم ڪرڻ بعد کيس ترقي ڏئي اسسٽنٽ مختيارڪار بڻايو ويو، ان عرصي ۾ هن ننگر پارڪر، ساماري ۽ ميرپورخاص ۾ نوڪري ڪئي.
سڳالچند ڪانگريسي لڏي سان واڳيل هو، تنهنڪري هن پنهنجن ٻين ساٿين سان گڏجي پارڪر جي پٺتي پيل ڳوٺن ۾ ڪانگريس جي سهڪار سان ڪيترائي اسڪول کولرايا، جنهن ۾ شيڊيول ڪاسٽ جا شاگرد آسانيءَ سان تعليم پرائي سگهندا هئا. جيتوڻيڪ ورهاڱي کان اڳ انگريزن جي دور ۾ پارڪر تي ٺاڪرن جو اثر رسوخ وڌيڪ هو، اسڪولن ۾ مينگهواڙ، ڪولهي ۽ ڀيل گڏ ويهي پڙهي نہ سگهندا هئا، اهڙيءَ طرح ان وقت ننگرپارڪر شھر ۾ هيٺين طبقي وارين ذاتين جي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻيءَ جي وڏي تڪليف هوندي هئي، ڪجهه صاف پاڻيءَ جا کوھہ هوندا هئا، جن تي ٺاڪرن ۽ ٻين قبيلن جو قبضو هوندو هو. ڀيل، ڪولهي ۽ مينگهواڙ ذاتين جي لاءِ پيئڻ جو پاڻي سدائين مسئلو هوندو هو. سڳالچند ۽ سندس ساٿين ڪانگريس جي پليٽفارم تان ’شريمتي وڄڪورٻا‘ جي سهڪار سان 1935ع ۾ هريجنن لاءِ الڳ کوھہ کوٽرايو، جنهن کي هن وقت ’آشرم‘ کوھہ سڏيو وڃي ٿو.
ڪامريڊ سڳالچند جي دل ۾ سدائين مظلوم ۽ مسڪين ماڻهن جو احساس هوندو هو، نوڪريءَ دوران هو وقت ڪڍي رات جو ڳوٺن ۾ وڃي تعليم، صفائي ۽ سماجي ريتن رسمن تي ليڪچر ڏئي معاشري جي ترقي، سڌاري ۽ واڌاري لاءِ جاکوڙيندو رهندو هو.
هن سماجي مسئلن جي حل لاءِ ’پارڪر مينگهواڙ پنچائت‘ قائم ڪئي. ڪو بہ سماجي مسئلو پيدا ٿيندو هو تہ هڪدم پنچائت ڪوٺائي ان کي گڏيل حڪمت عمليءَ سان حل ڪيو ويندو هو.
هن 52-1953ع وارين عام چونڊن ۾ ننگرپارڪر جي اقليتي مخصوص سيٽ لاءِ اسسٽنٽ مختيارڪار جي نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي، اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ راڻي چندرسنگهه سامهون بيٺو. هن پنھنجي ذات جي ماڻهن کي ووٽ جي اهميت جو احساس ڏياريو.
سڳالچند مڪواڻي 19 جولاءِ 1978ع ۾ وفات ڪئي.
1914.04.11 عيسوي
ٿرپارڪر جي مشهور سماجي ورڪر ۽ ڪانگريسي اڳواڻ، ڪامريڊ سڳالچند ولد سترامداس مينگھواڙ جو جنم، 11 اپريل 1914ع تي تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ آڌيگام ۾ ٿيو.
1978.07.19 عيسوي
سڳالچند مڪواڻي 19 جولاءِ 1978ع ۾ وفات ڪئي.