سڪندر منڌروڊاڪٽر

سڪندر منڌروڊاڪٽر

سڪندر منڌرو ڊاڪٽر

سڪندر منڌرو، ڊاڪٽر: ناميارو سياستدان ۽ پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ ڊاڪٽر سڪندر منڌرو ولد ٺارو خان منڌرو، 7 جولاءِ 1943ع تي بدين ۾ ڄائو. هن پرائمري، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم بدين مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ ايم. اي، ايم.بي.بي.ايس ۽ ايم.سي.پي.ايس جون ڊگريون حاصل ڪيون. ڊاڪٽر سڪندر منڌري جو ابتدا کان وٺي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سان گهرو واسطو رهيو آهي ۽ سندس شمار بدين ضلعي جي اهم پارٽي اڳواڻن ۾ ٿئي ٿو.
ڊاڪٽر سڪندر منڌرو 1993ع ۽ 1997ع وارين چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي پليٽفارم تان ايم. پي. اي چونڊيو ويو. 2013ع وارين چونڊن ۾ پڻ پي. ايس- 58 بدين-II ۽ اولڊ بدين- IV واري تڪ تان ڪاميابي حاصل ڪيائين. هن وقت ڊاڪٽر سڪندر منڌرو، سنڌ حڪومت ۾ قانون ۽ پارليامينٽري معاملن جو صوبائي وزير آهي.
ڊاڪٽر سڪندر منڌري جي گهر واري ڊاڪٽر خالده سڪندر تر جي نامور ڊاڪٽرياڻي آهي ۽ هميشہ ماڻهن جي سماجي ڀلائيءَ وارن ڪمن ۾ اڳڀري رهندي آئي آهي. سندن مستقل رهائش ميمڻ محلي بدين ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1943.07.07  عيسوي

پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ ڊاڪٽر سڪندر منڌرو ولد ٺارو خان منڌرو، 7 جولاءِ 1943ع تي بدين ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بولچند
آخوند محمد حسن مسڪين
شاھہ حبيب
حسين شاھہ فاضلاڻي
خير محمد خان استاد
حڪيم محمد احسن
جتوئي علي بخش ڊاڪٽر
جمعو فقير 2
آدم علي يوسف علي علوي
اشفاق حسين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون