’سڪايل‘ نواب شاھہ: صوفي شاھہ عنايت شھيد جي سلسلي جو نامور شاعر نواب شاھہ ولد امام علي شاھہ رضوي، 1843ع ڌاري پيدا ٿيو. سندس تعلق روهڙيءَ جي رضوي سيدن جي گهراڻي مان هو. شروعاتي زندگي عيش ۽ آرام سان گذاريائين. جوانيءَ ۾ صوفي فقير بيڪس جي اثر سندس زندگيءَ ۾ عجيب ڦيرو آندو، پاڻ سڀ شاهاڻا شوق ڇڏي فقير بڻيو، بيڪس جي وفات کان پوءِ دنيا کي ترڪ ڪري مرشد جي مزار جو مجاور بڻيو.
پاڻ بھترين شاعر هو. سندس شاعريءَ ۾ جوش ۽ ولولو شدت سان موجود آهي. حسن ۽ عشق جو ذڪر آهي، پاڻ تصوف جا نڪتا بہ جماليات جي جلوي سان پيش ڪيا اٿس.
سندس شاعريءَ ۾ ٻين خوبين کانسواءِ ٻوليءَ جي سادگي، ميٺاج، موسيقي ۽ رواني بہ چڱي آهي، شاعريءَ ۾ ’سڪايل‘ تخلص استعمال ڪندو هو.
سندس ڪلام نموني طور پيش ڪجي ٿو:
’سڪايل‘ جي سور جي، ساجن لھہ سنڀار،
اٺ ئي پھر اندر ۾، تنھنجي آھہ پچار،
مرڪ تنھنجي مست ڪيو، نازڪ نيڻن ٺار،
اکين جا آڌار آءُ تہ پرچون پاڻ ۾.
نواب شاھہ رضوي، ذوالقعد 1319هجري بمطابق 1901ع ۾ وفات ڪري ويو.