سڌ واھہ (ڍنڍ): هيءَ ڍنڍ ضلعي دادوءَ جي تعلقي دادوءَ ۾ سونا ٻنڊي ٻيلي ۾ واقع آهي. هيءَ ڍنڍ درياھہ جي پراڻي واھہ مان جُڙيل آهي. هيءَ ڍنڍ فشريز کاتي جي رڪارڊ ۾ آيل آهي ۽ هر سال نيلام ٿيندي آهي. هن ۾ تمام گهڻي مڇي ۽ پکي مرندا آهن.
سڌ واھہ، درياھہ جو پراڻو واھہ آهي، جيڪو انگريزن جي دور تائين وهندو هو. هن واھہ تي اوائلي زماني ۾ نار چڙهندا هئا ۽ هي واھہ سيالن جي ڳوٺ تائين آبادي ڪرائيندو هو.