سچل سرمست ۽ ان جي همعصر شاعرن جي ڪلام جو بياض: هيءُ قلمي نسخو بياض جي صورت ۾ سچل سرمست لائبرري خيرپور ۾ موجود آهي، جنهن ۾ گهڻو تڻو حضرت سچل سرمست جو سنڌي، سرائيڪي، هندي ۽ اردو ڪلام آهي. ان کان سواءِ گھرام فقير، گل محمد، قلندر شاھہ، خير شاھہ، شاھہ حسين، نبي بخش، محڪم الدين سيلانيءَ، مراد فقير، روحل فقير، حافظ عبدالله، جمعي فقير، نانڪ يوسف ۽ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جون وايون ۽ ڪافيون، شاھہ شرف هڪ اردو ڪلام ۽ هڪ نامعلوم سنڌي شاعر جو امام حسين عليہ السلام جي شان ۾ چيل هڪ مرثيو پڻ بياض ۾ شامل آهن. هيءُ سمورو ڪلام سنڌي، اردو، سرائيڪي ۽ فارسي ٻولين ۾ آهي. نسخو مجموعي طور 256 صفحن تي مشتمل آهي، بياض جو وچ وارو حصو ڪجهه قدر ڦاٽل آهي، جتان ڪجهه ڪلام ضايع ٿي ويو آهي. هيءُ نسخو فقير امير بخش ميتلي صوفي القادريءَ جو ترتيب ڏنل ۽ ڪتابت ڪيل آهي، پر ڪتابت جو سال ڄاڻايل ڪونهي. هيءُ قلمي بياض فقير امير بخش ميتلي جي فرزند پنھنجي والد کان حاصل ڪري سچل سرمست لائبرريءَ جي اڳوڻي لائبريرين مشتاق احمد گاد جي معرفت ڏنو.
هيءُ نسخو اڻپورو آهي، جو اڳياڙي ۽ پڇاڙيءَ وارا صفحا ڦاٽل اٿس. هن ۾ 348 ڪافيون آهن. قديم شاعراڻي ورثي جي نسبت هيءُ بياض علمي ۽ ادبي تحقيقدانن لاءِ وڏي اهميت وارو آهي.