
سچل سرمست اور خواجه فريد
سچل سرمست اور خواجہ فريد: فڪري مماثلت (ڪتاب): هي ڪتاب سچل سرمست ۽ خواجہ غلام فريد جي سوانحي خاڪي سان گڏ سندس سرائيڪي ڪلام جي خاص منظـوم ترجمي تي مشتمل آهي. گـڏوگڏ ان ۾ خواجہ فريد تي سچل سرمست جي اثر کي بہ بيان ڪيو ويو آهي. هي اصل ترجمو رشيد احمد لاشاريءَ ڪيو هو، جنهن کي الطاف اثيم ترتيب ڏئي سچل چيئر، شاھہ عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپورميرس طرفان ڇپايو آهي. ڪتاب ۾ ڊاڪٽر جاويد چانڊيي جو پر مغز مضمون ’خواجہ فريد ۽ سچل دي فکري سانجهہ‘ بہ ڏنو ويو آهي. ڊيمي سائيز جي 80 صفحن ۽ پڪي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت 80 روپيا آهي ۽ ڪتاب، جون 2005ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.