
سچل جو ڪلام سنڌي ڪافيون ۽ بيت
سچل جو ڪلام سنڌي ڪافيون ۽ بيت (ڪتاب): سچل سرمست جي سنڌي ڪافين ۽ بيتن تي مشتمل هيءُ ڪتاب، گل محمد تنيي ترتيب ڏنو آهي. رسالي ۾ الف- ب وار ترتيب سان ڪافيون ۽ بيت ڏنا ويا آهن. بيتن واري ڀاڱي ۾ سر آسا (پنج داستان)، سر گجري (ٽي داستان)، سر ڀيروي (چار داستان)، سر سھڻي (ڏھہ داستان)، سر ڪوهياري (ڏھہ داستان)، جهولڻو (ٽي داستان)، سسئي، سارنگ (ٽي داستان)، سر مومل راڻو (ٻہ داستان)، سُـر ڪـاريـهـر (ٻہ داسـتـان)، هـيــر رانجهو (ٻہ داستان)، سر گندري، نوري ڄام تماچي (چار داستان)، سر کنڀات، مارئي (اٺ داستان)، سر سورٺ (ٻہ داستان)، سر پهاڙي، رونجهن سان رهاڻ (ٻہ داستان)، سر جوڳ (ٻہ داستان)، سر مالڪوس (چار داستان)، ابيتات متفرقه، سرءَ نامي سميت رسالي ۾ آيل عربي ۽ فارسي عبارتن جي معنى ۽ شرح ڏنل آهي. رسالي ۾ سچل سرمست جي فڪري پهلوءَ جي ڇنڊڇاڻ، سچل سرمست جو تصوف، ديوان آشڪار ۽ رهبرنامه بابت نوٽ بہ شامل آهن. نماڻي فقير جي دعا ۽ علي گوهر درازيءَ جو لکيل سچل جي حالات زندگي وارو مضمون پڻ ڏنو ويو آهي. سچل سرمست جي ڪلام تي هند ۽ سنڌ جي ڏاهي قلمڪار موتي لعل جوتواڻيءَ جو لکيل تحقيقي ۽ تخليقي مضمون بہ رسالي جي شروع وارن صفحن ۾ درج آهي.
سچل جي ڪلام جي هن مجموعي جي اهميت ان ڪري بہ آهي تہ محققن پاران سچل سرمست جي ڪلام جي خوبين کي پرکڻ لاءِ حافظ شيرازي ۽ ٻين صوفي شاعرن جي ڪلام سان ان جي ڀيٽ ڪئي وئي آهي. پڪي جلد سان، ڊيمي سائيز ۾ 548 صفحن تي مشتمل هن رسالي جي قيمت ڄاڻايل ڪو نہ آهي. هي رسالو 2005ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.