سڄڻ مڱڻهار

سڄڻ مڱڻهار

سڄڻ مڱڻهار

سڄڻ مڱڻهار: ٿر جو مارواڙي راڳي سڄڻ ولد قادربخش ٻاٻر مڱڻهار، پهرين جنوري 1964ع تي ڄائو. هن وقت شھر کپري، ضلعي سانگهڙ ۾ رهائش پذير آهي. هي ٺڪرن جو راڄيتو مڱڻهار آهي. ڳائڻ وڄائڻ سندن خانداني پيشو آهي، جنهنڪري کيس ننڍپڻ کان ئي راڳ سان گهڻو لڳاءُ رهيو آهي. هن ان شوق سبب استاد رجب علي رضا کان راڳ جي سکيا ورتي. راڄ جي شادين خوشين ۾ ڳائيندو هو، اڳتي هلي درگاهن تي ٿيندڙ موسيقيءَ جي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيڻ لڳو. منٺار فقير راڄڙ ۽ سيد حسن بخش شاھہ ڊٺڙي واري جي درگاهن سميت ميرپورخاص ڊويزن جي ڪيترين ئي درگاهن جي ميلن ۾ ڳايو اٿس. کيس راجسٿان جي مارواڙي راڳ تي دسترس حاصل آهي. مارواڙي راڳ سبب کيس تمام گهڻي مقبوليت حاصل رهي آهي. هي هن وقت شھر کپري ۾ رهي ٿو ۽ پنھنجي فن کي جاري رکيو اچي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.01.01  عيسوي

ٿر جو مارواڙي راڳي سڄڻ ولد قادربخش ٻاٻر مڱڻهار، پهرين جنوري 1964ع تي ڄائو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سينگار علي سليم
شمن علي ميرالي
الھہ وسائي
الطاف حسين سمون
پون ڪمار نانڪرام
رونا ليليٰ
استاد گلزار علي خان
زرداري غلام حسين
صنم مارئي
سائين مرنا
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون