سڄڻ قبولائي

سڄڻ قبولائي

سڄڻ قبولائي

سڄڻ قبولائي: سنڌ جو ناميارو شاعر سڄڻ علي سرگاڻي ولد ڏنو خان سرگاڻي 01 جنوري 1934ع تي ڳوٺ قبولي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، سنڌي فائنل پاس ڪري 1948 ع ڌاري تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو، 1950ع کان شاعري ڪرڻ جي شروعات ڪئي . ٿوري وقت ۾ سندس نالو سڄڻ قبولائي طور مشھور ٿيو. شاعريءَ جي اصلاح نامور شاعر دادن فقير ۽ جانڻ ڪوٽائي کان ورتي. مخدوم محمد زمان طالب المولى پنھنجي ڪتاب در ناياب عرف ياد رفتگان ۾ لکي ٿو تہ: ”سڄڻ قبولائيءَ شعر جي اصلاح مرحوم دادن فقير ۽ مرحوم جانڻ ڪوٽائيءَ کان ورتي، سندس ڪلام هر صنف ۾ تمام سٺي اهميت رکي ٿو، خصوصاً نعت ۽ شان اهلبيت ۾ عقيدتمندانه طويل مسدس لکيائين.“ سڄڻ قبولائيءَ، 21 آڪٽوبر 1990ع تي وفات ڪئي، سندس هڪ فرزند ’خاور‘ قبولائي پڻ ادبي دنيا ۾ پاڻ مڃائي چڪو آهي، سٺو شاعر ۽ لاڙڪاڻي جو ريڊيو ڪمپيئر آهي. سڄڻ قبولائي نہ رڳو ھڪ شاعر ھو پر ھو ھڪ انسان دوست ء غريبن جو ھڏڏوکي رھيو، سندس وفات کان پوء ڳوٺ قبولي تعلقي ڏوڪري ۾ سڄڻ قبولائي ادبي لائبريري جو ۽ بزم سڄڻ قبولائي جو قيام عمل ۾ آندو ويو، سڄڻ قبولائي جا فرزند ساگر قبولائي ۽ خاور قبولائي ھر سال سندس ورسي جو پروگرام ڪندا رھن ٿا، سڄڻ قبولائي جي شاعري جو ڪتاب •سنيھو سڄڻ جو• پڻ سال 2022 ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو اٿن.


لفظ سڄڻ قبولائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.09.25  عيسوي

سنڌ جو ناميارو شاعر سڄڻ علي سرگاڻي ولد الله ڏنو خان سرگاڻي 01 جنوري 1934ع تي ڳوٺ قبولي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.


1990.10.21  عيسوي

سڄڻ قبولائيءَ،21 آڪٽوبر 1990ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

غلام احمد بيدم خواجہ
پير ناصر خسرو قبادياني لعل بدخشان
سوامي پرمانند
الطاف عاصي ڊاڪٽر
افتخار عارف
الماس سنڌو
صابر علي مير ٺٽوي
اصغر سيتائي
امام الدين ضامن 1
احمد رضا
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون