سپڙ ماڙي: سپڙ ماڙي سڪرنڊ تعلقي جي ديھہ سپڙ ۾ آهي. سڪرنڊ کان کڏهر ويندڙ رستي تي وَر اسٽاب کان هڪ ڪچو رستو اوڀر طرف وڃي ٿو. ان رستي سان ٻن ميلن جي پنڌ تي پير دوست جو قبرستان آهي. جنهن جي سامهون سڏ پنڌ تي اتر طرف هن شھر جا دڙا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هن وقت اهي دڙا ٻارهن ايڪڙن ۾ پکڙيل آهن، جڏهن تہ چون ٿا تہ هنن دڙن جي پکيڙ چاليھہ ايڪڙ کن هئي. جيڪا زمين بعد ۾ آباد ڪئي وئي. دڙن جي اوڀر ۾ هاڪڙي درياھہ جا نشان اڄ بہ موجود آهن. ان جي آسپاس ڪجهہ ڍنڍون ڍورا آهن، جن مان ’گجوءَ جو ڍورو‘ اڄ بہ موجود آهي. ان ڍوري جي ڪپ تي هڪ شھر آباد هو، جيڪو ڦٽڻ بعد زرعي زمين ۾ اچي ختم ٿي ويو. سپڙ ماڙيءَ بابت روايت آهي تہ هي شھر هڪ ميربحر سردار سپڙ ڄام جو هو، جنهن جي شھر ۾ هڪ ماڙي ٺهيل هوندي هئي. جڏهن تہ راڄ جا ماڻهو ڪکائن گهرن ۾ رهندا هئا. شھر جي سردار جي محلات سبب شھر تي نالو ئي ’سپڙ ماڙي‘ پئجي ويو. هڪ ٻي روايت موجب اتي هڪ راڻي حڪومت ڪندي هئي، جنهن جو هڪ واپاريءَ سان عشق هو. جڏهن سندس دوست واپار سانگي پرديس ويو تہ واپس اچي نہ سگهيو. ڪيترن سالن جي انتظار کان پوءِ راڻي محبوب جي ڳولا لاءِ ٻيڙيءَ تي سوار ٿي سمنڊ ڏانهن رواني ٿي ۽ وري واپس نہ آئي. راڻيءَ جي وڃڻ کانپوءِ هن شھر ۾ بدامني پيدا ٿي پئي، جنهنڪري شھر تباھہ ٿي ويو.
ٻنهي روايتن تي غور ڪبو تہ هن شھر جي تاريخ تي ڪافي روشني پئجي سگهي ٿي. پهرين روايت موجب هن شھر جي قدامت کي مڃڻو پوندو، ڇو تہ اسان جي سماج ۾ هزارين سال اڳ عورت جو معاشري جي سربراھہ هئڻ جا اهڃاڻ ملن ٿا. تاريخي طور سمن جي آخري دور تائين. عورت معاشري ۾ فيصلي ڪن ڪردار ادا ڪندي رهي آهي. جھڙوڪ: راڻي سهنديءَ جي مدد سان چچ بن سيلائج هن خطي تي حڪمراني ڪئي. ٻاگهيءَ جي فيصلي مطابق دودي سومري کي پڳ ٻڌائي وئي. تارا ٻائي سومرا دؤر جي هڪ حڪمران رهي چڪي آهي.
ٻيءَ روايت موجب هي شھر سمن/ سومرن جي دور جو معلوم ٿئي ٿو، ڇو تہ ڄام لفظ جو استعمال عام هو. هي شھر سومرن جي دور جو ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ تہ ’ماڙي‘ لفظ سومرن جي شهرن لاءِ استعمال ٿيندڙ هو، جيئن ’روپا ماڙي‘ وغيرہ.