
سپن منجھه موتي
سپن منجهہ موتي (ڪتاب): هي ڪتاب هند جي سنڌي شاعر ’گهنشام ساگر‘ جي ’تنھا‘ صنف تي مشتمل شاعريءَ جو ڪتاب آهي. ’تنھا‘ صنف تـي سـنڌيءَ ۾ ڊاڪٽر ستيش روهڙا جي ڪتاب ’تنھا‘ کانپوءِ هي ٻيو ڪتاب آهي، جنهن ۾ گهنشيام ساگر جا ’تنھا‘ اسڪيچن سان شامل آهن.
ڪرائون سائيز جي 80 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، ساگر گرافڪس آرٽ، احمدآباد پاران، 2006ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، جنهن جي قيمت 95 روپيا آهي.