سپارڪو

سپارڪو

سپارڪو

سپارڪو (Suparco): هيءُ خلا ۽ مٿانهين هوا تي تحقيق ڪرڻ وارو قومي ادارو آهي. 1961ع ۾ پاڪستاني سرڪار هن اداري کي هڪ ڪميٽيءَ طور قائم ڪيو، پوءِ مارچ 1981ع ۾ هڪ آرڊيننس تحت هن کي مڪمل ڪميشن جي شڪل ۾ بحال ڪيو ويو. هن اداري جي قيام جو مقصد خلائي سائنس جي حوالي سان تحقيق ۽ ان سان لاڳاپيل شعبن ۾ واڌارو ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي قومي، سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اضافو ڪرڻ هو. سپارڪو طرفان خلائي پروگرام جو آغاز 7 جون 1962ع تي ’رهبر اول‘ نالي راڪيٽ کي خلا ۾ ڇڏڻ ذريعي ڪيو ويو. هن راڪيٽ کي ڇڏڻ جو مقصد ٻاهرين ۽ مٿانهين فضا اندر موسمي حالتن جو اندازو لڳائڻ هو.اهڙيءَ ريت پاڪستان ۾ خلائي تحقيق جي ابتدا ٿي ۽ ’رهبر اولراڪيٽ کانپوءِ ’شاهپر‘ ۽ ’رهبر‘ نالي راڪيٽ بہ فضا ۾ پرواز ڪيو. سپارڪو جي اسٽيشن ڪراچيءَ کان پنجاھہ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولھہ ۾ سون مياڻي سمنڊ جي ڪناري (بلوچستان) ۾ واقع آهي. هن ۾ مختلف طرز جا راڪيٽ لانچر ۽ راڪيٽ جي پرزن کي ڳنڍيندڙ (اسيمبل ڪندڙ) ورڪشاپ ۾ ضروري سامان موجود هوندو آهي. سون مياڻيءَ جي هن مرڪز تان هن وقت تائين 200 کان وڌيڪ راڪيٽ خلائي پروازن لاءِ روانا ٿي چڪا آهن. سپارڪو جي سائنسدانن ۽ انجنيئرن جو تيار ڪيل ننڍڙو گرھہ ’بدر اول‘ چين جي لانگ مارچ 2E لانچر ذريعي جولاءِ 1990ع ۾ خلا ۾ ڇڏيو ويو، جيڪو پاڪستان ۾ خلائي تحقيق ۽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ بنيادي اهميت جو حامل آهي. هن گرھہ جي ڪامياب خلائي تجربي بعد انجنيئرن ۽ سائنسدانن جي حوصلا افزائي ٿي ۽ ٻيو هٿرادو گرھہ ’بدر دوم‘ 1998ع ۾ خلا ۾ ڇڏيو ويو.
خلائي تحقيق جي حوالي سان هن اداري کي پاڪستان جي پهرئين سائنسي تحقيقي اداري جي حيثيت حاصل آهي. هن اداري ۾ هٿرادو گرهن سان سڌيءَ ريت براڊ ڪاسٽنگ رسيور ڊزائن ڪيو ويو. اسلام آباد ويجهو قائم ڪيل سپارڪو جي سيٽ لائيٽ گرائونڊ اسٽيشن 1989ع ۾ ڪم جو آغاز ڪيو، جنهن جي وسيلي ملڪي ادارن ۽ ايجنسين کي مستقل ۽ عارضي بنيادن تي عدد، شمار ۽ ضروري اطلاعات فراهم ڪري رهيو آهي. هي سينٽر 2700 ڪلوميٽرن جي وسيع ايراضي تائين ڪم ڪري سگهي ٿو. اهڙيءَ ريت هي سينٽر سڄي پاڪستان سان گڏ آس پاس جي ٻين 26 ملڪن جي ڪجهه حصن يا ملڪن کي مڪمل طور بہ پنھنجي دائري ۾ آڻڻ جي سگهہ رکي ٿو. هي سيٽ لائيٽ گرائونڊ اسٽيشن واحد ريمورٽ سينسنگ رسيونگ اسٽيشن آهي، جيڪا اولھہ چين، اولھہ منگوليا ۽ وچ ايشيائي ملڪن جي حالتن کي بہ ڪور (Cover) ڪري سگهي ٿي. 1997ع ڌاري هن سيٽلائيٽ کي جديد فني سهولتن سان متعارف ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ هن جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري پيدا ٿي.


لفظ سپارڪوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.06.07  عيسوي

سپارڪو طرفان خلائي پروگرام جو آغاز 7 جون 1962ع تي ’رهبر اول‘ نالي راڪيٽ کي خلا ۾ ڇڏڻ ذريعي ڪيو ويو.



ادارا ۽ تنظيمون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آل پاڪستان ميمڻ فيڊريشن
غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي
پاڪستان نئشنل سينٽر
انجمن شعراءِ هالا
اپوا
جروار ڊاڪٽر صوبدار جو ڪتب خانو
سڪندر آرٽ گئلري
آر بي او ڊي
سچل سرمست يادگار ڪاميٽي
پاڪستان اڪيڊمي آف سائنسز
ادارا ۽ تنظيمون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون