
سُڳنڌ
سُڳنڌ (ڪتاب): هي ڪتاب عبدالحسين شاھہ موسوي ۽ محمد ابراهيم عـباسـيءَ جـو تيـار ڪـيل آهي. هن ڪتاب ۾ ديباچي کانپـوءِ سـنڌي لوڪ ادب جون صنفون ڏوهيڙا، هنر، اوراڻا، پروليون ۽ ڳجهارتون، سوالي جوابي ڳجهارتون، ڏٺ پرولي، سرائتيون ڳجهارتون، ڏور، سينگار ۽ ڏهس، تعارف ۽ مثالن سان ڏنا ويا آهن.
ڪرائون سائيز جي 165 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، اسلاميہ پرنٽنگ پريس، ويسٽ ڪچا، حيدرآباد مان 1966ع ۾ 2000 ڪاپيون، (اٺون ڇاپو) ڇپيو، جنهن جي قيمت هڪ روپيو، اٺ آنا آهي.