
سُرمائي ڪنڊر ڪوئو
سُرمائي ڪنڊر ڪوئو Grey Spiny Mouse/Mus Saxicola: هي ڪوئو، گهريلو ڪوئي کان وڏو ٿئي ٿو. مٿان سرمائي رنگ جو آهي ۽ پيٽ اڇو اٿس، پڇ سنهو ۽ جسم جي ماپ کان ڪجهہ ئي ننڍو آهي. هي ڪوئو پٿرائين ماحول ۾ رهندڙ آهي. هي پٿراين جاين تي ٻِر کوٽي ٿو ۽ رات جو سرگرم رهندڙ جانور آهي. هي ڪوئو اڪثر طور اَن، ساوڪ ۽ جيت کائيندو آهي، پاڻي نہ پيئندو آهي. پاڻيءَ جي ضرورت ڀاڄين ۽ شڪار وغيرہ مان پوري ڪري وٺندو آهي.