
سَوَا طِعُ الاِلهَامِ
سَوَا طِعُ الاِلهَامِ (ڪتاب): مغل شهنشاھہ جلال الدين محمد اڪبر جي نؤرتنن مان هڪ ملا فيضي هو، جنهن قرآن مجيد جو بي نقط تفسير ’سوا طع الالهام‘ جي نالي سان لکيو. ملا ابو الفيض ’فيضي‘ شيخ، شيخ مبارڪ جو پٽ ۽ نامور مؤرخ ابو الفضل جو وڏو ڀاءُ هو. هي آگري ۾، 1547ع ۾ پيدا ٿيو. هي وڏو شاعر هو، انهي ڪري اڪبر کيس ’ملڪ الشعراءِ‘ جو خطاب عطا ڪيو. فيضي پنھنجي دؤر جو تمام وڏو عالم هو ۽ هن پنھنجي 48 سالن جي مختصر عمر ۾ 101 ڪتاب تصنيف ڪيا. فيضيءَ وٽ پنهنجو هڪ وڏو ڪتبخانو هو، جيڪو 1595ع ۾ هن جي وفات کانپوءِ اڪبر بادشاھہ پنھنجي قبضي ۾ ڪيو.
ملا ابوالفيض فيضي شيخ جي 101 تصنيفن مان سڀني کان ناياب ۽ لاجواب تصنيف ’سوا طع الالهام‘ نالي قرآن پاڪ جو بي نقط (بنا نقطن) جي تفسير آهي. تاريخ اسلام ۾ سڀ کان پهرين قرآن مجيد جو عربي ٻوليءَ ۾ بي نقط تفسير لکڻ جو اعزاز صرف ملا فيضيءَ کي حاصل آهي. اهڙو تفسير نہ ڪو پهرين ڪڏهن لکيو ويو هو ۽ نہ وري اڄ تائين لکيو ويو آهي. قرآن جي هن سڄي تفسير ۾ اهڙا حرفن وارا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، جيڪي بنا نقطن جي آهن. سورة اخلاص جو تفسير نموني طور هيٺ ڏجي ٿو:
”بسم ﷲ الرحمن الرحيم لما سال الحمس رسول ﷲ صلعم وارادوا اعلاء محامد ﷲ ارسل ﷲ قل محمد هو ﷲ احد- واحد لامساهم لھ ولا الھ سواه اصلھ وحد ورو واهو ﷲ الواحد ورو وا احد ﷲ موصولا الصمد- المصمود المعمود امالا واعمالا لڪل ماعداه وهوالمالڪ الحاڪم لما اراد لامرد لحڪمھ ولا . . . . . . . الخ“.
قرآن جي سڀ کان پهرين بي نقط تفسير جي تقريظ ان وقت نامور عالمن لکي، جن مان لاهور جي قاضي القضات علامہ شھيد الثالث نورالله شوستري رحمة ﷲ عليہ جي لکيل تقريظ تمام اهم آهي. ملا فيضيءَ هي تفسير سن 1002ھہ/ 1593ع ۾ لکي مڪمل ڪيو. ڪتاب جي مڪمل ٿيڻ تي ابوالفيض عربي ٻوليءَ ۾ 49 بندن تي مشتمل قطعه تاريخ چئي. انهيءَ شعر جي 49 بندن جي اٺانوي مصرعن مان هر هڪ مصرع مان هجري سن 1002ھہ نڪري ٿو:
”صرط اعلام اسرار الاء ﷲ“
1002ھہ
”مطلھ دح اد راد صعود اسماء ﷲ“
1002ھہ
ان کانسواءِ ان وقت جي سوين فارسي گو شاعرن هن تفسير جي مڪمل ٿيڻ تي لاجواب قطعه تاريخون چئي ملافيضيءَ کي خراج تحسين پيش ڪيو. اهو تفسير سڀ کان پهرين منشي نولڪشور لکنؤ مان ڇپايو. جهازي سائيز ۾ 780 صفحن تي مشتمل هي قرآن مجيد جو تفسير منشي نولڪشور لکنؤ مان جمادي الاول 1306ھہ/ جنوري 1889ع ۾ شايع ڪري منظر عام تي آندو. ان جي ڇپجڻ واري سال تي مولانا اشرف عليءَ هيٺين قطع تاريخ چئي:
گشت مطبوع نسخهء عالي
فيض بخش دلِ صغير و ڪبير
اشرف نڪتہ سنج تاربخش
گفت ”شد طبع بي نقط تفسير“.
1306ھہ