سَر 1

سَـر (Blyth’s reed): سَر جو ٻوٽو ڪارائتو ليکيو وڃي ٿو، ٻهراڙين ۾ چونئرا ۽ مَنهنِ جو ڇاڄو سرن جو اڏيو ويندو آهي. مال جا ڇنا ۽ لانڍيون پڻ سرن مان ڍڪيون وينديون آهن. سرن جي پن مان ٽوئا، نکون، پرڇ، تڏا، هٿ سان واءُ هڻڻ وارا وڃڻا، ساريون، ڪڻڪ توڙي ٻين شين وجهي رکڻ لاءِ ڇٻا وغيرہ ٺھن ٿا. سَر جو ٻوٽو قد ۾ ڊگهو، خاص طور تي ٻنين ٻارن ۽ واهن جي ڪناري تي ٿئي ٿو. سَر جي ڪاني گهڻي ڊگهي ٿئي ٿي. سَر بہ سارين وانگر نسرندو آهي. اڇا اڇا ڪپھہ جھڙا گل جڏهن پچي ٻج جي قابل ٿي ويندا آهن تہ ان جي ڪاني بہ ٿُلهي ۽ طاقتور ٿيو پوي. سَر بہ سارين جيئن لڻجن ٿا. عظيم صوفي شاعر شاھہ لطيف، سَر بابت هي من وڻندڙ سٽون لکي سَر جي سونهن ۽ وجود جي تاريخ کي هميشہ لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي:
سَر نسريا پانڌ، اتر لڳا آءُ پرين،
مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سُکائون ڪيون!
جڏهن اتر لڳڻ شروع ٿيندو آهي تہ سر بہ نسرڻ شروع ٿي ويندا آهن. شاھہ جي سر سامونڊيءَ جي ونيءَ پنھنجي وڻجاري جي اوسيئڙي ۾ ڪيڏيون نہ اهم ڳالهيون ڪيون آهن. هڪ تہ سيارو اچڻ وارو ٿيندو آهي ته، اهي ئي ڏينهن انهن واپارين جي ورڻ جا بہ هوندا آهن، ٻيو تہ سر بہ تڏهن ئي نسرندا آهن، جڏهن اتر جون هوائون لڳڻ شروع ٿينديون آهن. ٽين ڳالھہ ’سهسين سکائون ڪيون‘، سکائون باسڻ واري ريت؛ جي صدين کان اسان جي ڌرتي تي موجود هجڻ جي ڀٽائي تصديق ڪئي آهي.
سَرُ سنڌ ۾ ٿيندڙ عام ٻوٽو آهي. هي واهن، ڍنڍن، ڍورن، ڪنارن ۽ ڪڙن توڙي ٻنين جي ٻَنَن ۽ واٽرن جي ڪپن تي قدرتي طرح ٻوڙي (ٿٻ) جي صورت ۾ ڦٽي اُسرندو آهي. هن جي تيلي کي ڪانو ۽ پن کي سَرُ چئبو آهي. ڪانو گُرين جي صورت ۾ ٿيندو آهي. هر هڪ گري اڌ فوٽ کان ڏيڍ فوٽ ڊگهي ٿئي. جنهن مان ڇنو، گهر جي ڇت، پترون، ان رکڻ جو گنديون ۽ ٻيو گهرو سامان تيار ڪندا آهن. سَرُ مان وري ٽوئا، پکا ۽ ٻھارا ۽ ٻيون شيون ٺاهيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو