سيڙهه

سيڙهه

سيڙھہ

سيڙھہ Porcupine/Hystrix Indica: هي مماليه 25 کان 30 انچ ڊگهو ٿئي ٿو. پڇ ننڍڙو، 4 کان 5 انچ جو ٿيندو اٿس. پٺيءَ تي اڇا ۽ ڪارا ڊگها ڪنڊا هوندا اٿس، جن جي نوڪ اڇي هوندي آهي. ڪنڌ تي کُهرن ڪنڊيدار وارن جي جهنڊ هوندي اٿس. هن جون اکيون ننڍڙيون، ڪن ننڍڙا، چنبا مضبوط، پير ۽ ٽنگون ڪاريون، ڳچيءَ هيٺان اڇو پٽو ۽ منهن تي ڊگهيون مڇون هونديون آهن. سيڙھہ، دڙن، ٻوٽن يا ڪنڌين تي اونهو ٻِر کوٽي رهندي آهي، جنهن ۾ گهڻيون گهٽيون ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ دروازا گهٽ هوندا آهن. سيڙھہ ڏينهن جو ٻِر ۾ بند رهندي آهي ۽ رات جو نڪرندي آهي. وڻن جو ڇوڏا، ڳنڍدار پاڙون ۽ فصلن سميت ٻي نباتات بہ کائي ٿي. پٺيءَ جا ڪنڊا خطري کان بچاءَ لاءِ اٿس. خوف، خطري مھل ڪنڊا اُڀا ڪندي آهي. سيڙھہ جو ڪنڊو سندس جسم مان سولائيءَ سان ڌار ٿي دشمن کي چڀندو آهي ۽ ڏاڍي تڪليف ڏيندو آهي. مادي 6 کان 7 هفتا پيٽ ڪري ٿي، هڪ کان چار ٻچا ڏئي ٿي. ان جي ٻولي رابطي خاطر هوندي آهي ۽ اها هڏڪار يا گرڪاٽ ڪندي آهي. هي ٿڻائتو جانور ٻنين، نخلستان يا ۽ انساني آباديءَ وارن علائقن وٽ رهندي آهي.
سنڌ ۾ عام ويساھہ آهي تہ ٻن گهرن جي وچ ۾ ’سيڙھہ جو ڪنڊو‘ هڻبو تہ انهن ۾ ڦيٽاڙ پوندو آهي. اُن تان سنڌيءَ ۾ چوڻي جڙي آهي ته، ”تون تہ ڪو سيڙھہ جو ڪنڊو آهين.“


لفظ سيڙھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو