سيپروفائيٽس

سيپروفائيٽس

سيپروفائيٽس

سيپروفائيٽس (Saprophytes): هن قسم جي ٻوٽن کي ٻين تي ڀاڙيندڙ (Heterotrophic) ٻوٽا چئبو آهي. هي ٻوٽا پنھنجي خوراڪ مئل جسمن مان حاصل ڪن ٿا، ڇو جو هنن جي پنن ۾ ڪلوروفل نہ ٿو ٿئي. ڪلوروفل جي نہ هئڻ ڪري هي ٻوٽا پنھنجي خوراڪ پاڻ نہ ٿا ٺاهي سگهن. ان جو عام مثال کنڀيون آهن. ان کانسواءِ مونوٽروپا (Monotropa) ۽ نيوٽيا (Neottia) ٻہ مشھور گلن وارا سيپروفائيٽس آهن. هي گهاٽن جهنگن ۾ ٿين ٿا، جتي سج جي روشني زمين تائين نہ ٿي پهچي ۽ ڳريل سڙيل نامياتي مادا وڏي مقدار ۾ موجود رهن ٿا. هنن ٻوٽن جون ننڍڙيون ننڍڙيون نرم ڏانڊيون پورن پنن سان ڍڪيل رهن ٿيون. هنن جون پاڙون ڪافي ننڍيون ۽ ڪجهہ ٿلهيون ٿين ٿيون، جن تي پاڙ وار (Root Hair) بہ نہ ٿا ٿين، پر اهي پاڙون ڳريل ۽ سڙيل مادن ۾ موجود هڪ خاص قسم جي فنگس سان واسطو پيدا ڪن ٿيون. فنگس جي هائفي (Hyphyae) جو ڪجهہ حصو هنن پاڙن اندر داخل رهي ٿو. اها هائفي، پاڙن جي تاندورن وارو ڪم ڪري ٿي ۽ اهڙيءَ طرح سيپروفائيٽس لاءِ ڳريل ۽ سڙيل مادن مان نامياتي مادن کي جذب ڪرڻ جو انتظام ٿئي ٿو.


لفظ سيپروفائيٽسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو