سيٺ غلام حسين قاسم

سيٺ غلام حسين قاسم

سيٺ غلام حسين قاسم

سيٺ غلام حسين قاسم: سنڌ جي نامور ۽ سماجي ڪارڪن، سيٺ غلام حسين قاسم جو جنم 12 اپريل 1882ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم سنڌ مدرسي مان، انگريزي ۾ چئن درجن تائين حاصل ڪئي. هن پنھنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪراچي ميونسپالٽيءَ ۾ ميمبر جي حيثيت طور ڪيو. اتي هن چاليھہ سال پنهنجا فرض سرانجام ڏنا. غلام حسين قاسم ڪراچي ميونسپالٽي جي مئينجنگ ڪميٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. تنهن بعد چار دفعا ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو نائب صدر مقرر ٿيو. ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو ٻن سالن تائين ميمبر ۽ مختلف سماجي ادارن جو ڪارڪن ٿي رهيو. ميونسپالٽيءَ جي سياست ۾ سندس وڏو هٿ هوندو هو.1921ع ڌاري بمبئي قانون ساز ڪائونسل تي چونڊجي ويو.
هي ڪيترن ئي خانگي ۽ پبلڪ ٽرسٽ جي ادارن جو ٽرسٽي ٿي رهيو. لياري ۽ اتي جي رهاڪن لاءِ گهڻو ڪجهہ ڪيائين.
هن سماج سڌارڪ 1950ع ڌاري وفات ڪئي.


لفظ سيٺ غلام حسين قاسمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1882.04.12  عيسوي

سنڌ جي نامور ۽ سماجي ڪارڪن، سيٺ غلام حسين قاسم جو جنم 12 اپريل 1882ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو.1950ع ڌاري وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گل حسن ڪلمتي
ايسر سنگهہ بيدي
التتمش
تنيو نذير احمد
سيد لعل محمد شاھہ للاڻي
درويش آلو
الانا ڊاڪٽر غلام علي
ڀرگُو
ظفر علي لغاري
امداد علي اوڍو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون