سيوراهي

سيوراهي (ماڳ): هيءُ قديم قلعو صادق آباد جي ڳوٺ سنجرپور ويجهو آهي. تاريخي ڪتابن ۾ هن جو نالو ’سيوراهي‘ ملي ٿو، پر ان جو اصل نالو ’سرواهي‘ آهي ۽ اڄ بہ اتي جي ماڻهن ۾ اهو ئي نالو مشھور آهي. هي قلعو سنڌ جي راجا راءِ سهاسيءَ جي ڇھن قلعن مان هڪ هو. محمد بن قاسم جي فتح کان پوءِ هي قلعو اسلامي حڪومت جو اهم مرڪز بنجي ويو. محمود غزنوي جڏهن سومناٿ تي حملو ڪرڻ ويو ٿي تہ هتان لنگهيو هو. هتي جي سنڌي جتن ساڻس مهاڏو اٽڪايو هو، پر شڪست کاڌائون. عربن کان پوءِ هتي سنڌ جي سومرن ۽ سمن جي حڪومت رهي. سمن جي هڪ بادشاھہ ڄام سڪندر سمي هتي هڪ کوھہ کڻايو هو، اتان هڪ سِر ملي آهي، جنهن تي سرائڪي زبان ۾ هيٺيون ڪتبو لکيل آهي:
سلان سربند ٿپيان، ڦڳيا نام نصير،
کوھہ کڻايا پٽ گامڻ دي، انڙ نام همير،
وقت سڪندر بادشاھہ، ملڪ ڌڻي پهلوان،
رعيت راضي ايھہ جهي، جو ٻڍانت جوان،
تراءِ سؤ ٻوٽي باغ دي، راڌي انڙ ڄام.


هن صفحي کي شيئر ڪريو