سيهڙو

سيهڙو (لوڪ گيت): هيءُ مزاحيہ لوڪ گيت ٿرپارڪر واري علائقي ۾ چيو ويندو آهي. ٿري محاوري ۾ ’ڄاهي‘ کي سيهڙو چئجي، هن گيت ۾ ’ڄاهو‘ ميلي تي وڃڻ لاءِ سنڀري ٿو ۽ کيس اتان ڪن شين آڻڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب ’لوڪ گيت‘ ۾ لکي ٿو تہ: ڪنهن ڇوڪريءَ جو عاشق پهريون دفعو ڳوٺ کان ٻاهر وڃي ٿو ۽ ڇوڪري سندس نالي ظاهر ڪرڻ بدران کيس ’ڄاهو‘ ڪوٺي تمثيلي طرح مخاطب ٿئي ٿي ۽ اتان چُني، چوڙي ۽ چولي وغيرہ آڻڻ جي تاڪيد ڪري ٿي، جيئن تہ هو رستي جو اڻ سونهون آهي. ان ڪري کيس واٽ نہ ڀلجڻ ۽ جلدي موٽي اچڻ لاءِ بہ چئي ٿي. هن لوڪ گيت جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
سيهڙا! تون ميڙي ملاکڙي جائي، ڙي سيهڙا،
سيهڙا! تون چقمق چنڙي لائي، ڙي سيهڙا،
سيهڙا! تون سيهڙي نان سمجهائي، ڙي سيهڙا!
سيهڙا! تون پوپٽ پنڙا لائي، ڙي سيهڙا!
سيهڙا! تون چندن چوڙلو لائي، ڙي سيهڙا!


هن صفحي کي شيئر ڪريو