
سينڍر/ وڏڙو
سينڍر/ وڏڙو (پکي): بدڪ جو هڪ قسم، جيڪو 50 کان 52 سينٽي ميٽر جسامت رکي ٿو. هيءُ پکي، چيھہ بدڪ کان ٿورو وڏو ٿئي ٿو. هن پکيءَ کي انگريزيءَ ۾ Large whistting teal يا Fulvous tree duck چيو ويندو آهي. جڏهن تہ سائنسي زبان ۾ هن پکيءَ جو نالو Dendrocygna bicolor آهي. هن پکيءَ جو تعلق Anatidaeخاندان جي ذيلي ڪٽنب Anserinae سان آهي. هن بدڪ جو نر ۽ ماد هڪ جھڙا ٿين ٿا. هيءَ بدڪ سڄي ڳاڙهسري، ڀوري، پڇ ۽ چهنب ڪاري، ڪک جا کنڀ هيٺئينءَ طرف مڙيل، جن تي ملائي رنگ جا نمايان ليڪا هوندا آهن، پرن جو هيٺيون حصو ۽ پير سرمائي، ڪاري رنگ جا، اکين جون پتليون گهريون ناسي ٿينديون آهن. هيءُ پکي تازي ۽ مٺي پاڻي، خاص ڪري ڌٻڻ، ٻوٽن ۽ پنن جي ٻوٽن سان ڀريل ڍنڍ تي رهڻ پسند ڪندو آهي. دنيا جي تقريباً مڙني گرم ملڪن ۾ جهجهي تعداد ۾ نظر اچي ٿو. هيءُ پکي هندستان جو مقامي پکي آهي، جڏهن تہ پاڪستان ۾ ڪجهه وقت لاءِ هجرت ڪري ايندو آهي.
سنڌ جي ڍنڍن جي خراب صورتحال ۽ مٺي پاڻيءَ جي کوٽ سبب هاڻي سنڌ ۾ هي پکي گهٽ نظر ايندو آهي. هن جي غذائي خوراڪ ۾ پاڻيءَ ۾ ٿيندڙ هر قسم جو گاھہ، ٻج، چانور ۽ جيت وغيرہ شامل آهن.
هي پکي پنھنجي هم نسلن جي ڀيٽ ۾ گهٽ گروھہ پسند آهي، ڏينهن جو پاڻيءَ ۾ نيم ٻڏل ٽارين يا ٻوٽن تي آرام ڪندو آهي. ساحل ويجهو کليل سمنڊ يا سمنڊ جي ٻاڙين ۽ ڍنڍن تي بہ گهمندي نظر ايندو آهي. تانگهي پاڻيءَ ۾ تڙڳي ٿو ۽ اونهي پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏئي ٿو. آرام سان ويٺل هوندو آهي. نسلي واڌويجهه لاءِ آکيرا ٺاهڻ بجاءِ قدرتي کڏ، کانچن، ناگر موٺ يا ٻين آبي ٻوٽن جي جهڳٽن جو انتخاب ڪندو آهي. مادي بدڪ هڪ وقت ۾ ڇھہ کان اٺ بيضا لاهيندي آهي. بيضن جو رنگ عاجي اڇو (Ivory white) ٿيندو آهي، جڏهن تہ آريءَ جو عرصو اٽڪل هڪ مهيني تي مشتمل هوندو آهي.
سنڌ ۾ ڳچ عرصو اڳ هي پکي ڪينجهر ڍنڍ، منڇر ڍنڍ ۽ هاليجي ڍنڍ تي سال جي اڪثر برسات ۾ نظر ايندو هو، پر ڍنڍن جي موجودہ صورتحال جي ڪري هيءَ پکي سنڌ مان اڻلڀ ٿي ويو آهي ۽ ورلي ايڪڙ ٻيڪڙ نظر اچي ٿو.