سينٽ اينڊريوز چرچ ڪراچي

سينٽ اينڊريوز چرچ ڪراچي

سينٽ اينڊريوز چرچ ڪراچي

سينٽ اينڊريوز چرچ ڪراچي: سينٽ اينڊريوز چرچ کي ’اسڪاچ چرچ‘ (Scotch Church) بہ سڏيندا آهن، هي ڪراچيءَ جي گارڊن روڊ تي، کاٻي هٿ تي صدر ۾ موجود آهي. چرچ جي سامهون جھانگير پارڪ آهي. هي گوٿڪ طرز اڏاوت جي انتهائي خوبصورت عمارت آهي. هن چرچ جي پيڙھہ جو پٿر، 6 فبروري 1867ع ۾ ممبئي فوج جي ڪمانڊر انچيف سر رابرٽ نيپئر رکيو هو. هن جو افتتاح 31 ڊسمبر 1869ع تي ٿيو. چرچ جي بلڊنگ کي سنڌ ريلوي جي انجنيئر مسٽر ٽي. جي نيونهم ڊزائين ڪيو هو. هن جي ٽاور جي اوچائي 56 فوٽ آهي. هن جو هال 180 فوٽ ڊگهو ۽ 56 فوٽ ويڪرو آهي. چرچ ۾ 400 ماڻهن جي عبادت جي گنجائش موجود آهي. خوبصورت پارڪ ۽ گهاٽن وڻن ۾ گهيريل هيءَ چرچ هاڻي وڏين اڏاوتي جاين جي وچ ۾ گاڏين جي نڪرندڙ دونهين جي ڪري پنھنجي خوبصورتي وڃائي چڪي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1867.02.06  عيسوي

سينٽ اينڊريوز چرچ جي پيڙهه جو پٿر، 6 فبروري 1867ع ۾ ممبئي فوج جي ڪمانڊر انچيف سر رابرٽ نيپئر رکيو هو.



عبادتگاھ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سينٽ ٿامس چرچ حيدرآباد
ستيئڙو مسجد
جان محمد عباسيءَ جي مقبري واري مسجد
روهڙيءَ جي عيدگاھہ
پريم پرڪاش مندر ڪشمور
ڪالڪان مندر
دينل شاھہ مسجد
شو مندر ڪراچي
سيتلا ماتا مندر رتن تلاءُ
جامع مسجد ترائي
عبادتگاھ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون