سينٽرل مرڪزي بئنڪ

سينٽرل/ مرڪزي بئنڪ: ڪنهن بہ ملڪ جي اهڙي بئنڪ، جيڪا حڪومت کي مختلف رٿائن جي تڪميل لاءِ رقم مهيا ڪري. عام واپاري بئنڪن سان ڏيتي ليتي رکي ۽ ملڪ اندر ناڻي ۽ قرض جي پاليسي جوڙي ۽ لاڳو ڪري، ڪنهن بہ رياست جي معاشي، ڪاروباري ۽ واپاري معاملن تي ڪنٽرول ڪري تہ ان بئنڪ جو معاشي ۽ مالي پاليسيون جوڙڻ ۾ وڏي اهميت هوندي آهي. هيءَ بئنڪ ڪنهن بہ ملڪ جي ڪرنسي جاري ڪرڻ ۽ رياستي ناڻو محفوظ رکڻ ڪري عام ڪاروباري بئنڪن کان مختلف هوندي آهي، دنيا ۾ مرڪزي بئنڪون عام طرح خودمختيار اداري طور ڪم ڪنديون آهن. پاڪستان ۾ ’بئنڪ آف پاڪستان'>اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان‘ کي مرڪزي بئنڪ جي حيثيت حاصل آهي. ان جي هيڊ آفيس ڪراچيءَ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو