
سيمل وڻ
سيمل وڻ (Silk cotton tree): سيمل وڏي قد ۽ اوچائيءَ وارو خوبصورت وڻ آهي، جيڪو جسامت ۽ عمر ۾ پڻ وڏو ٿيندو آهي. هن جي ٿڙ ۽ شاخن تي سخت ۽ تکا ڪنڊا ٿين ٿا. هي وڻ برصغير ۾ پاڪستان، هندوستان، بنگلاديش، سريلنڪا، برما ۽ سماترا جي ٻيلن ۽ باغن ۾ لڳايو وڃي ٿو. هن وڻ جو ڪاٺ قيمتي آهي، جيڪو ڪيترن ئي ڪمن ۾ ڪتب اچي ٿو. هي نرم ڪاٺ وارو وڻ آهي، جنهن مان راندين جو سامان، ماچيس جون تيليون، پلائي جو ڪاٺ، ڪاغذ، ميون جا ڪريٽ وغيرہ ٺاهيا وڃن ٿا. هن وڻ جو ڦل، جيڪو اڪ جي انبڙيءَ وانگر آهي، ان مان نفيس قسم جي ڪپھہ نڪري ٿي، جيڪا ٻج سان گڏ هجي ٿي، جنهنڪري هن کي سلڪي ۽ ريشمي ڪپھہ جو وڻ بہ چئجي ٿو. هن قسم جي ڪپھہ گرم وهاڻن يا گاديلن ڀرڻ جي ڪم اچي ٿي. سيمل جو وڻ خوبصورتي ۽ زميني ماحوليات طور هلڪي ڪلراٺي زمين ۾ سٺي واڌ ڪري ٿو، جنهنڪري باغن، رستن ۽ شاهراهن تي لڳايو وڃي ٿو. هي وڻ قد ۾ اوچو ٿئي ٿو، جنهن جون ٽاريون ننڍيون ۽ پن ويڪرا ٿين ٿا. هن ۾ بھار جي مند اچڻ بعد سھڻا گل نڪرن ٿا ۽ مارچ مهيني تائين هي وڻ گلن سان ٽمٽار هوندو آهي. مارچ، اپريل يا مئي جي مهينن ۾ هن جا ٻج، ڏوڏا پچي راس ٿين ٿا، اهي ڏوڏا گهڻو ڪري وڻ سان گڏ هجن ٿا ۽ ٽڙڻ شروع ڪن ٿا. ٻج جي چؤڌاري گرم، نرم ۽ ريشمي وار هوندا آهن، جيڪي هوا ۾ پکڙڻ شروع ڪندا آهن. هن وڻ جي پوکڻ جو معياري طريقو قلم لڳائڻ وارو آهي. هن جي ڦل يا گوگڙي مان ملندڙ ڪپھہ ڪيترن ئي ڪمن ۾ اچي ٿي.