ڊاڪٽرسيما ابڙو

ڊاڪٽرسيما ابڙو

سيما ابڙو ڊاڪٽر

سيما ابڙو، ڊاڪٽر‎:‎‏ ليکڪا، مضمون نويس ۽ تعليمدان ڊاڪٽر سيما ابڙو 15 جنوري 1977ع تي قبول ابڙي جي گهر، ‏ڳوٺ شاھ قلي پور (رُڪ) ۾ جنم ورتو. ايم اي (سنڌي )جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان، جڏهن تہ ’سنڌي ٻوليءَ جي مختلف ‏لھجن جو تقابلي جائزو‘ جي عنوان سان ‏Ph.D‏ جي ڊگري وفاقي اردو يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. 2005ع ۾ سنڌ مدرسة ‏السلام ڪاليج ۾ ليڪچرر ٿي. ڪجهہ وقت کان پوءِ 2007ع ۾ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرر ۽ ھن ‏وقت اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رھي آھي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’خواب ۽ حقيقت‘ (ڪھاڻيون)، ’سنڌي ادب جو ‏جائزو‘ (تحقيق) ۽ ’مون خدا ڳولي ورتو آھي‘ (ڪھاڻيون) شامل آھن. ان کان علاوہ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ تحقيقي مضمون پڻ ‏لکندي رھي آھي. سندس شادي محقق ۽ لغت نويس عبدالڪريم ’آزاد‘ سميجي سان ٿيل آھي‏‎.‎


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.01.15  عيسوي

ليکڪا، مضمون نويس ۽ تعليمدان ڊاڪٽر سيما ابڙو 15 جنوري 1977ع تي قبول ابڙي جي گهر، ‏ڳوٺ شاھ قلي پور (رُڪ) ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀٽي عزيز ميجر شھيد
امجد سراج ميمڻ ڊاڪٽر
پير بخش خاصخيلي
ديوان پرڀداس آڏواڻي
گُلان
فاطمہ شاھہ ڊاڪٽر
حنا رباني کر
شاھجھان
تراب لاڙڪاڻوي
جنگو خان جمالي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون