
سير سليمان- باتصوير
سير سليمان- باتصوير (ڪتاب): هيءُ ڪتاب حضرت سليمان جي سير بابت منظوم شاعري تي مشتمل مثنوي آهي، جنهن جو مصنف ميان غلام ﷲ ڪلهوڙو آهي. هن مثنوي ۾ مختلف واقعن تحت بيان کي الڳ عنوانن ۾ ورهائي خوبصورت بڻايو ويو آهي. هن ڪتاب کي سکر جي تاجر ڪتب ۽ ادب دوست ماستر هريسنگهہ ذاتي خرچ تي اسلاميہ پريس لاهور مان ڇپايو هي ڪتاب 1862ع جي ايڪٽ 25 موجب رجسٽر پڻ ٿيل آهي. ڊيمي سائيز، ڪچي جلد سان 162 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 12 آنا ڄاڻايل آهي. هي ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي لائبرريءَ ۾ محفوظ آهي.