سيرين رضہ: حضرت سيرين رضہ ۽ سندس سڳي ڀيڻ ماريه قبطيه رضہ نالي ٻن ڀيڻن کي مصر جي بادشاھہ مقوقش پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي خدمت مبارڪ ۾ تحفو ڪري موڪليو هو. حضرت ماريه قبطيه رضہ سان پاڻ ڪريمن صلي ﷲ عليہ وسلم خود نڪاح ڪيو، جڏهن تہ حضرت سيرين رضہ جي شادي پاڻ ڪريمن جي اصحابي ۽ مشھور شاعر حـضـرت حـسـان بن ثابـت رضہ سـان ٿـي. اهي ٻئي ڀيڻون مـذهبي طور نصراني هيون، پر جڏهن قسمت کين مديني پاڪ ۾ ٻنهي جهانن جي سردار صلي ﷲ عليہ وسلم وٽ وٺي آئي، تڏهن ٻئي ڀيڻون اسلام ۾داخل ٿي ويون. انهن جو ڀاءُ مابور بہ مصر مان انهن سان گڏجي آيو هو ۽ گهڻي وقت تائين اهو پنھنجي مذهب کان نہ ڦريو، نيٺ هو بہ مسلمان ٿي ويو.