
سيرت فاطمه رضي الله عنه
سيرت فاطمہ رضي ﷲ عنه (ڪتاب): هي ڪتاب محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو، نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي محبوب نياڻي ۽ حضرت علي ڪرم ﷲ وجهہ جي شريڪ حيات جي حياتيءَ ۽ سيرت تي لکيل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1949ع ۾ اسلاميہ دارالاشاعت حيدرآباد ۽ ٻيو ايڊيشن آگسٽ 2008ع ڌاري مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور ڇپايو آهي. ٻئي ڇاپي جي قيمت 24.00 روپيا آهي.