سيرت الفاروق رضي ﷲ عنه (ڪتاب): هي ڪتاب محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو خلافت راشده سلسلي جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروق رضي ﷲ عنه جي حياتيءَ ۽ سيرت بابت سرجيل آهي. 20 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 0-6-0 آنا آهي، جنهن جو پهريون ايڊيشن 1947ع ۾ هاشمي پريس حيدرآباد ۾ ڇپيو، ٻيو ايڊيشن اسلاميہ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد ۾ 1950ع ۾ ڇپيو.