سيرتِ طيبہ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب حضور ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي حيات مبارڪ متعلق آهي، جنهن جو ليکڪ پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻي آهي. ڪتاب ۾ نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وآله وسلم جن جي مڪي زندگيءَ جو احوال، قبا ۾ پهچڻ جو احوال ۽ ان سان گڏ سندن حياتِ طيبہ جي پهرئين دور متعلق بہ احوال ڏنو ويو آهي. تحرير جي لحاظ کان ڪتاب جي ٻوليءَ جي اسلوب جي تعريف سنڌي ٻوليءَ جي نامور عالم علامہ غلام مصطفى قاسميءَ پڻ ڪئي آهي. ڪتاب ۾ حضور ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي زندگيءَ جو مڪي ۾ رهڻ تائين مفصل نموني بيان ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب پهريون ڀيرو ’سنڌ اسلامڪ پبليڪيشن، حيدرآباد‘ ڇاپيو، ان کانپوءِ هن ڪتاب جي طباعت آفسٽ سول اينڊ ملٽري گزيٽ ڪراچيءَ ڪرائي، حيدرآباد مان 1987ع ڌاري ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب ڊيمي سائيز جي 270 صفحن تي مشتمل آهي.