سيد پير پنير شاهه جو مقبرو

سيد پير پنير شاهه جو مقبرو

سيد پير پنير شاھہ جو مقبرو

سيد پير پنير شاھہ جو مقبرو: پير شاھہ جو مقبرو تعلقي گمبٽ، ضلعي خيرپورميرس ۾ آهي. سيد پير شاھہ لاءِ مقامي طور تي مشھور آهي تہ هيءُ اهل شخص ۽ بزرگ هو. هي بزرگ ملتان جي غوث بهاءُالحق ڏانهن کير موڪليندو هو، جيڪو لنگر طور درگاھہ تي هلندو هو. هن لاءِ مشھور آهي تہ هڪ ڀيري سواري جي مسئلي جي ڪري ملتان واري درگاھہ ڏانهن کير نہ پهچائي سگهيو تہ سمورو چوپايو مال ئي غوث پاڪ ڏانهن موڪلي ڏنائين.
پير پنير شاھہ جو مقبرو دڙي تي تعمير آهي. چؤڌاري کبڙن جا وڻ ۽ ڪجهہ اڻڄاتل قبرون اٿس. مقبري کي ننڍڙو صحن آهي، جنهن کي چؤديوار ڏنل آهي. اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ننڍو کليل لنگهہ ٺهيل آهي، ڀت تي سيمنٽ جون ڄاريون هڻي خوبصورت ڪيو ويو آهي. اڱڻ ۾ پڪين سرن سان فرشبندي ٿيل آهي. مهاڙيءَ ۾ چؤڪنڊي ڪالم ۾ ونگائين لنگهہ ۾ چؤڪاٺي سان ڪاٺ جو دروازو لڳل اٿس. پاسن کان نمائشي روشندان ٺاهي ڊزائين جو نمونو ٺاهيو ويو آهي. ٻنهي ڪنڊن تي ننڍن ٿنڀن مٿان نيلون هنيون ويون آهن. ڇت تي وڏو اٺڪنڊو ڳچ (Drum) ٺاهي ان تي سائي رنگ جو گنبذ رکيو ويو آهي. گنبذ جي چوٽي تي نيل پڻ نصب آهي. مقبري کي سفيد چوني جو رنگ ڪيل آهي، جڏهن تہ گنبذ سائي رنگ جو اٿس. ڳچ جي ڪنڊن تي پڻ نيلون هنيل آهن. مقبري جي سنڀال چڱي ٿيل آهي. هتي پير پنير شاھہ جا مريد حاضري ڀريندا رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو