سيد منصور ٺٽوي

سيد منصور ٺٽوي : سيد منصور ٺٽوي وڏو عالم، عامل ۽ ولي ڪامل ٿي گذريو آهي. هر هفتي جامع مسجد ٺٽي ۾ قرآن شريف جو شروع کان وٺي ترجمو ۽ تفسير بيان ڪندي آخر وڃي ’والناس‘ (آخري حرف) تائين پهچائيندو هو ۽ ان ۾ ڪيترو بہ وقت خرچ ٿئي، ان کان پوءِ وري مُنڍ کان قرآن جو ترجمو جماعت کي شروع ڪرائيندو هو. گهڻو ڪري صائم الدهر ۽ چادر جي جهنڊ ۾ رهندو هو. نماز جو ايڏو پابند هو، جو ڪڏهن بہ جماعت کان سواءِ نماز نہ پڙهيائين. پنھنجي والد جي نقش قدم تي قائم رهيو. سنڌ جي عادل بادشاھہ ڄام نظام الدين جڏهن سن 914 ھہ/ 1508ع ۾ وفات ڪئي تہ سندس جنازي نماز بہ سيد منصور کان ادا ڪرائي وئي، جو وقت جو وڏو متقي ۽ پرهيزگار هو. سيد منصور ٺٽويءَ 80 ورهين جي ڄمار ۾ 15 رجب المرجب سن 968ھہ/1510ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو