سيد محمد ڪامل شاھہ: سيد ڪامل شاھہ ولد سيد قبول محمد شاھہ، 1874ع ڌاري سعيدپور، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. هي سيد مٽياري سيدن جي ميين پوٽي پاڙي مان هو. هن جي وڏي ڏاڏي ميان محمد ’سعيد شاھہ‘ ٻارهين صديءَ ڌاري، هنڱورن جي ڳوٺ مان لڏي اچي ٽنڊي محمد خان جي ويجهو پنهنجو ڳوٺ ٻَڌايو، جنهن جو نالو ’سعيدپور‘ رکيو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. فارسيءَ جي تعليم مولوي محمد ابرهيم قريشيءَ کان حاصل ڪيائين. هن پنھنجي محنت ۽ سماجي خدمتن ڪري آسپاس جي علائقن ۾ تمام گهڻو نالو ڪمايو. انهيءَ سبب هن کي ضلعي لوڪلبورڊ جو ميمبر چونڊيو ويو. جڏهن 1921ع ۾ نون سڌارن موجب سنڌ کي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل تي وڌيڪ عيوضي ملي تہ انهيءَ سال کان هي زميندار ۽ جاگيردار تڪ تي ميمبر چونڊجڻ لڳو، جيڪو 1936ع تائين هلندو آيو. هي ٽنڊي محمد خان ڊويزن جي زميندار ۽ آبادگار ائسوسيئيشن جو سالن جا سال صدر چونڊيو رهيو، ان کانسواءِ هي ٽنڊي محمد خان جي لوڪلبورڊ جو بہ ڏهاڪو سال صدر رهيو.
جي. ايم. سيد پنھنجي ڪتاب ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”بمبئي ڪائونسل ۾ هو پنھنجي حد مان جنهن جي مدد ڪندو هو، سو ڪامياب ٿي ويندو هو. سر غلام حسين ۽ ميان نور محمد وڪيل سندس مدد سان چونڊيا هئا.
پاڻ سنگت جو سچو، وعدي جو پڪو، مھل سر ڪم ايندڙ، خوش خلق ۽ وڏي همت جو صاحب هو. رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جو دوست هو. ميان محمد ڪامل شاھہ ٻہ شاديون ڪيون، هن کي پهرين شادي مان هڪ فرزند سيد قبول محمد شاھہ ۽ ٻيءَ شادي مان سيد عادل شاھہ ڄائو.
سيد محمد ڪامل شاھہ 17 صفر 1356ھہ/29 اپريل 1937ع تي وفات ڪئي.
1937.04.29 عيسوي
سيد ڪامل شاهه ولد سيد قبول محمد شاهه، 1874ع ڌاري سعيدپور، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ڄائو. 17 صفر 1356هه/29 اپريل 1937ع تي وفات ڪئي.