سيد محمد عابد شاھہ جيلاني ثاني

سيد محمد عابد شاھہ جيلاني ’ثاني‘: عالم ۽ بزرگ سيد محمد عابد ’ثاني‘ گهوٽڪيءَ جي بزرگ پير موسيٰ شاھہ جيلانيءَ جو فرزند هو. هن 1741ع ڌاري گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. هن پنھنجي ڳوٺ جي مڪتب ۾ پنهنجن وڏن کان تعليم حاصل ڪئي. قرآن مجيد حفظ ڪيائين، فاضل ۽ اڪمل عالم هو. جمعي جي ڏينهن خطابت جا فرض سرانجام ڏيندو هو، شريعت جو صاحب ۽ طريقت جي رمزن کان واقف هو. ظاهري ۽ باطني علم ۾ ڪمالات جو مالڪ هو، سخاوت ۽ شجاعت ۾ شھرت رکندو هو. عاقل ۽ سمجهہ ۾ اڪابر هو، وٽس راڄن جا فيصلا بہ ٿيندا هئا، جيڪي حديث جي روشنيءَ ۾ نبيريندو هو. اڪثر پنهنجو وقت هدايت ۽ تلقين ۾ گذاريندو هو. سڄي سنڌ جا وڏا عالم وٽانئس فتوائون لکرائيندا هئا. هن 19 نومبر 1799ع تي وفات ڪئي. سندس مزار گهوٽڪيءَ جي وڏي خانقاھہ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1799.11.19  عيسوي

سيد محمد عابد شاهه جيلاني ثاني 1741ع ڌاري گهوٽڪيءَ ۾ جنم ورتو. هن 19 نومبر 1799ع تي وفات ڪئي. سندس مزار گهوٽڪيءَ جي وڏي خانقاهه ۾ آهي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيد عبدالرحيم شاھہ سجاولي
احمد رضا بريلوي
عبدالله بنگلديرائي
راغب اصفهاني امام
صابر فقير ميان خطاط
مخدوم آدم نقشبندي ٺٽوي
عـبـدالواحد علامہ
عبدالرحيم مفتي سڪندري
عبدالحڪيم مولانا
نور محمد حسيني پتافي مولوي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون