سيد محمد شجاع ثاني: سيد محمد شجاع ثاني ولد پير محمد شاھہ لکوي 1193ھہ/ 1773ع ۾ ضلعي شڪارپور جي شھر لکي غلام شاھہ ۾ ڄائو. سندن خاندان ۾ ڪيترائي عالم، اديب، شاعر ۽ حڪيم ٿي گذريا آهن. محمد شجاع (ثاني) وڏو عالم اديب ۽ فارسي زبان جو شاعر هو. کيس عروض جي ڄاڻ هئي. هي غزل گو ۽ صاحب ديوان شاعر هو. هن جي ڪلام ۾ عشق رسول صلي ﷲ عليہ وسلم، نصيحت ۽ اخلاق جو تاثر ملي ٿو ۽ سندس فارسي ڪلام کان سواءِ هڪ مولود سنڌيءَ ۾ بہ ملي ٿو، جنهن جا ڪجهه بند نموني طور ڏجن ٿا:
حال چئجو هي، منهنجو مير مڪي شاھہ کي،
او ادا! ميان حاجيو !
رحمت آهي رسول تي، ڪيئن ٻاجهه گهران کئون ٻئي،
او ادا! ميان حاجيو !
سيد محمد شجاع، پنھنجي اباڻي ڳوٺ لکي غلام شاھہ ۾، 1263ھہ مطابق 1846ع ۾ وفات ڪئي.