سيد ماڪن شاھہ جو ميلو: درگاھہ سيد ماڪن شاھہ جو ميلو هر سال 25. 26 ۽ 27 ذوالحج تي ڳوٺ جعفر خان جلباڻي، تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ چوپائي مال ڍڳن، مينهن، اٺن ۽ ٻڪرين جو واپار ٿيندو آهي. ان کانسواءِ ميلي ۾ سرڪس، ناٽڪ، رڇ، ڪتي جي ويڙھہ، ڪوڏي ڪوڏي ۽ ٻيلهاڙي راند وغيرہ پڻ ٿيندي آهي. ان کانسواءِ محفل موسيقيءَ جو انتظام بہ ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي جا مشھور فنڪار پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. هن ميلي ۾ ملاکڙو بہ ٿيندو آهي، جنهن ۾ اتر ۽ لاڙ جا پهرئين، ٻئي ۽ ٽئين جوڙ جي پهلوانن ۾ مقابلو ٿيندو آهي. ان کان سواءِ ميلي ۾ سٺن دڪان سينگاريندڙن ۾ انعام ورهايا ويندا آهن. هن ميلي ۾ آيل هزارن جي تعداد ۾ عقيدتمند ۽ مريد اچي حاضري ڀريندا آهن.