سيد لعل بخش شاھہ جو ميلو

سيد لعل بخش شاھہ جو ميلو: سيد لعل بخش شاھہ جو ميلو هر سال 8، 9 ۽ 10 شعبان جي مهيني ۾ تعلقي جيڪب آباد ۾ ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ ملھہ ملاکڙي جو انعامي مقابلو ٿيندو آهي، جنهن ۾ لاڙ ۽ اتر جا پهلوان حصو وٺندا آهن. ان کانسواءِ ميلي ۾ چوپائي مال جو واپار پڻ ٿيندو آهي. ڀلن گهوڙن ۽ ڍڳن جي ڊوڙ جو انعامي مقابلو بہ ٿيندو آهي. ميلي ۾ هر قسم جا اسٽال لڳايا ويندا آهن، جن ۾ ٻارن ۽ عورتن جي سينگار جو سامان ۽ کاڌي پيتي جون شيون هونديون آهن. ميلي ۾ هزارن جي تعداد ۾ آيل مريدن ۽ عقيدتمندن لاءِ لنگر ۽ رهائش جو بندوبست ڪيو ويندو آهي.


لفظ سيد لعل بخش شاھہ جو ميلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو