سـيد قادربخش شاهه

سـيد قادربخش شاهه

سيد قادر بخش شاھہ

سيـد قادر بخش شاھہ: ســنـڌ جـو ناليـوارو تعـليـمي مـاهـر سـيد قادربخش عرف قادن شاھہ، 25 اپريل 1927ع تي سيد ڏتل شاھہ جي گهر ۾، ڳوٺ امين لاکي، تعلقي هالا (موجودہ نيو سعيد آباد) ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1948ع ڌاري فائنل پاس ڪري، پرائمري استاد مقرر ٿيو، جنهن کانپوءِ پرائمري استادن جو ٻہ سالا تربيتي ڪورس نمايان پوزيشن سان پاس ڪيائين. مختلف اسڪولن ۾ پڙهائڻ دوران هن ڪيترن شاگردن جي اخلاقي ۽ مالي معاونت ڪئي.
سيد قادر بخش شاھہ هڪ هڏ ڏوکي ۽ سخي انسان هو، پنھنجي زرعي زمين فلاحي مقصدن هيٺ هڪ اداري جي قيام لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. سندس نامور استاد ﷲ بخش ٽالپر سان ويجهڙائي هئي. حڪمت جو بہ سٺو ڄاڻو هو. ڏينهن هجي يا رات، ڪنهن تڪليف ۾ علاج يا مدد واسطي ڪو کيس سڏيندو هو تہ پيرين پنڌ هليو ويندو هو.
سيد قادر بخش شاھہ، ايم. اي سنڌيءَ دوران ’تمر فقير جو ڪلام‘ جي عنوان هيٺ مونو گراف لکيو، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي ڪيترن ڪتابن جي تياريءَ ۾ سندس مکيہ ڪردار رهيو آهي. محمد اسماعيل عرساڻي ۽ پنھنجي ڀاءُ محمد صالح شاھہ سان گڏجي هن بي. ايڊ لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ نصابي مواد تيار ڪيو، جيڪو ڪتابي صورت ۾ موجود آهي ۽ اڄ تائين اهو پڙهايو وڃي ٿو.
سيد قادر بخش شاھہ 1981ع ڌاري دل جي عارضي سبب وفات ڪئي، کيس اباڻي قبرستان م دفن ڪيو ويو. ڊاڪٽر سيد وڏل شاھہ (مرحوم) ۽ سيد محمد صالح شاھہ (مرحوم) سندس ڀائر هئا.


لفظ سيد قادر بخش شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1927.04.25  عيسوي

ســنـڌ جـو ناليـوارو تعـليـمي مـاهـر سـيد قادربخش عرف قادن شاهه، 25 اپريل 1927ع تي سيد ڏتل شاهه جي گھر ۾، ڳوٺ امين لاکي، تعلقي هالا (موجوده نيو سعيد آباد) ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شير محمد مري
جان ﷲ شاھہ عاشق
عبدالجبار خان
زاهده گوپانگ
ظفر علي شر
سيد محمد مراد شاھہ
پلي مبارڪ اثيم
ٺوڙهو نواب خير محمد خان
آغا محمد يحييٰ خان
غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون