سيد فتح الدين شاھہ: سيد فتح الدين شاھہ ولد ويڌل شاھہ، جھانيان خاندان مان گذريل صديءَ جي اڳياڙيءِ ۾ ٿي گذريو آهي. ننڍيءَ ڄمار ۾ ئي پان پروڙڻ جي خيال سان ڪوهستان جي نئين ٻارڻ طرف هڪ ويران هنڌ تي چلا نشيني ۽ رياضتون ڪيا. مجرد ۽ءٌ تنھا رهڻ کي گهڻو پسند ڪندو هو، نيٺ اتان پيرين پنڌ ڪري جهوڪ شريف ۾ اچي صوفي فضل ﷲ قلندر کان فيض حاصل ڪيائين ۽ پوءِ ٽنڊي جهانيان، حيدرآباد ۾ اچي شادي ڪري مستقل سڪونت اختيار ڪيائين.
فتح الدين شاھہ 102 سالن جي ڊگهي ڄمار ۾ 26 محرم الحرام 1291ھہ/ 15 مارچ 1874ع تي وفات ڪئي، سندس مزار شھيدن جي قبرستان ۾ آهي، جتي هر سال 26 محرم تي ميلو لڳندو آهي.
سيد فتح الدين شاھہ سنڌي، اردو ۽ فارسيءَ جو صاحب ديوان شاعر هو. سندس شاعري عشق ۽ محبت جي جذبن سان ڀرپور آهي. ڪلام ۾ تشبيهن ۽ استعارن جو سٺو استعمال ٿيل اٿس. سندس ڪلام تصوف جي عارفاڻن نڪتن تي مشتمل آهي، نموني طور سندس هڪ ڪلام هيٺ ڏجي ٿو:
وحدت جي ويڙھہ ۾ وهم نہ ڪو وهنوار،
حق حقيقت آهي، نقطو هي نروار!
تن کي تسا ڏئي ڪري آيا ڪشالا،
ٻريا ماھہ مشعالا، ويراڳي وڻڪار،
طالب طلبي توڙ ڪئي، فائض فيض درياھہ،
رهبت روشن راھہ، بيرنگي بازار،
چپ چاشني ڪئي، خاموشي منجهہ خيالا،
پر ڪري ڪي پيالا، لالائي لغار،
نينھن نمازي آهي، عشق ٿيو امام،
فتح هي خودي خام، اڳيون اسرار.