سيد غلام علي شاھہ سرخ بخاريءَ جو ميلو

سيد غلام علي شاھہ سرخ بخاريءَ جو ميلو: سنڌ جي مشھور صوفي بزرگ سيد غلام علي شاھہ سرخ بخاريءَ جو ميلو هر سال صفر جي مهيني جي 21 کان 23 تاريخ تائين سندن درگاھہ ديھہ گرنار تعلقي گهوڙاٻاري، ضلعي ٺٽي ۾ لڳندو آهي. هن ميلي ۾ ملاکڙو بہ ٿيندو آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان مشھور پهلوان حصو وٺندا آهن، انهي کان سواءِ ڀلن اٺن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ جا انعامي مقابلا بہ ٿيندا آهن. هن ميلي ۾ سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارن جي تعداد ۾ مريد ۽ عقيدتمند ايندا آهن. ميلي ۾ راڳ رنگ جي محفل بہ ٿيندي آهي، جنهن ۾ سنڌ جا مشھور فنڪار پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. ميلي جي موقعي تي لنگر پڻ تقسيم ڪيو ويندو آهي.


لفظ سيد غلام علي شاھہ سرخ بخاريءَ جو ميلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو