سيد علي محمد شاھہ دائرائي

سيد علي محمد شاھہ دائرائي: فقہ حنفي جي نامور عالم سيد علي محمد شاھہ ولد سيد نيڪ محمد شاھہ، 26 جولاءِ 1811ع تي اڏيري لال، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. شاھہ عنايت شھيد جي رفيق سيد حمزہ شاھہ بنوريءَ جو پڙپوٽو هو. سندس خاندان سنڌ جي مشھور ’دائري شريف‘ واري مدرسي ۾ ديني خدمتون سرانجام ڏيڻ سبب ’دائرائي سيد‘ طور مشھور آهي. سيد حمزہ شاھہ بنوري نقشبندي پنھنجي وقت جو وڏو عالم هو. سيد علي محمد شاھہ، قرآن مجيد جي ابتدائي تعليم ’دائري شريف‘ جي درگاھہ ۾ حاصل ڪئي. نون سالن جي ڄمار ۾ سجادہ نشين يا ’صاحب دائره‘ ٿيو. وڌيڪ تعليم مٽيارين جي جيد عالم مخدوم عبدالڪريم متعلويءَ کان پرايائين، جتي ٻين ڪيترن ئي وڏن عالمن جي پڻ صحبت نصيب ٿيس. رسمي تعليم جي تڪميل بعد مطالعي، مشاهدي ۽ تحقيق جي صلاحيت کي وڌائيندو رهيو. خاص ڪري عالم اسلام جي حنفي عالمن ۽ سنڌ جي حنفي عالمن جي تحريرن ۽ نظرين جو تقابلي جائزو ورتائين. سنڌ جي اڳين توڙي همعصر عالمن جي تصنيفن، بياضن، تحريرن ۽ فتوائن کي پڙهي، ان تي گهري نظر رکيائين. مطالعي ۽ تحقيق سان گڏ مدرسي جو انتظام سنڀاليندو رهيو. مدرسي ۾ پاڻي جي ضرورتن جي پورائي لاءِ کوھہ ٻڌرايائين، لنگرخاني جو اعلى انتظام ڪيائين ۽ درس و تدريس کي زور وٺرايائين. سندس دور ۾ مدرسو وڏي اوج تي رسيو ۽ ان جو علمي دائرو وسيع ٿيو. پاڻ استاد جي حيثيت ۾ مدرسي ۾ درس ڏيندو هو. سندس ڪيترائي شاگرد فارغ التحصيل ٿي سنڌ کان ٻاهر عرب ملڪن تائين پهتا. علي محمد شاھہ بحري ٻيڙي ذريعي حج جي سعادت پڻ حاصل ڪئي. کيس علم سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي. سندس تصنيفن مان ’مصلح المفتاح‘، ’بياض سيدي‘ ۽ ’زبدة المواليد‘ مشھور آهن. سندس تصنيف ’مصلح المفتاح‘ حنفي فقہ جي اعتبار کان نماز جي مسئلن تي هڪ تفصيلي ۽ تحقيقي ڪتاب آهي، جنهن کي ’دائري واري سنڌي‘ پڻ سڏيو وڃي ٿو. اهو ڪتاب سنڌ يونيورسٽيءَ پاران پڻ ڇپجي چڪو آهي. ڪتاب ’بياض سيدي‘ مختلف فقهي مسئلن تي بابن جي ترتيب سان مختلف ماخذن مان مسئلا جمع ڪري لکيل آهي. ڪتاب ’زبدة المواليد‘ نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي ولادت ۽ سيرت بابت آهي. سيد علي محمد شاھہ دائرائي، سنڌ ۾ فقہ حنفي جي تمام وڏن عالمن مان ڳڻيو ويو آهي. هن 21 اپريل 1870ع تي وفات ڪئي، دائري شريف ۾ مدرسي جي ڀرسان مدفون آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1811.07.26  عيسوي

فقه حنفي جي نامور عالم سيد علي محمد شاهه ولد سيد نيڪ محمد شاهه، 26 جولاءِ 1811ع تي اڏيري لال، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو.


1870.04.21  عيسوي

سيد علي محمد شاهه دائرائي 21 اپريل 1870ع تي وفات ڪئي، دائري شريف ۾ مدرسي جي ڀرسان مدفون آهي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي
آخوند عبدالرحيم وفا عباسي
الياس عطار قادري
علي محمد ٻاگهلائي مولوي
شبير احمد عثماني علامہ
عنايت ﷲ مهيسر ميان
سيد علي ثاني
شيخ ابو طاهر الڪوراني
حافظ قاضي لعل محمد متعلوي
ابڙو احمد
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون