سيد علي انور شاھہ اجمل

سيد علي انور شاھہ ’اجمل‘: مشھور شاعر سيد علي انور شاھہ ’اجمل‘ پهرين اپريل 1939ع تي سيد غلام مصطفيٰ شاھہ جي گهر، بهادرپور، تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول گوزي مان 1950ع ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميهڙ مان 1959ع ۾ ڪيائين، انٽر جامعيه عربيه حيدرآباد مان 1963ع ۾، بي. اي سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان 1966ع ۾ ۽ ايم. اي (سنڌي ادب) 1968ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي.
سيد علي انور شاھہ ’اجمل‘ ملازمت جي شروعات پهرين آڪٽوبر 1964ع تي گورنمينٽ مڊل اسڪول لطيف آباد 6 ۾ اسسٽنٽ ٽيچر طور ڪئي. 1967ع ۾ بدلي ٿي گوزي ۾ آيو، جتي هن زندگيءَ جو گهڻو حصو نوڪري ڪئي، خيرپورناٿن شاھہ تعلقي جو ايس. ڊي. اي. او بہ ٿيو. 1997ع ۾ گورنمينٽ برانچ هاءِ اسڪول سهراب ٻگهيي ۾ هيڊماستر ٿي رهيو، جتي پهرين اپريل 1999ع تي رٽاير ٿيو.
سيد علي انور شاھہ ’اجمل‘ لکڻ جي شروعات 1959ع کان ڪئي. سندس شاعريءَ جو استاد خيرپور ناٿن شاھہ جو رهاڪو حڪيم محمد صادق ’طالب‘ عباسي هو، جيڪو پنھنجي دور جو قادر الڪلام شاعر ٿي گذريو آهي، هن خيرپور مان ’تحفھ خيرپورناٿن شاھہ‘ نالي سان هڪ ڪتاب ڇپرايو، جنهن ۾ سندس ڪلام بہ شامل آهي. سيد علي انور شاھہ غزل جو شاعر آهي. سندس غزل ۾ حسن ۽ عشق جا نت نوان موضوع ۽ خوبصورت تمثيلون ۽ استعارا ملن ٿا.
سيد علي انور شاھہ ’اجمل‘ دادن فقير، استاد بخاري، احمد خان آصف ۽ غلام حسين مشتاق سُچارويءَ کان متاثر آهي. پنھنجي ضلعي سميت سيوهڻ، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي اڪثر مشاعرن ۽ ميڙاڪن ۾ شعر پڙهندو رهيو آهي. سندس رهائش شھباز ڪالوني خيرپورناٿن شاھہ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.04.01  عيسوي

مشهور شاعر سيد علي انور شاهه ’اجمل‘ پهرين اپريل 1939ع تي سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي گهر، بهادرپور، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالحڪيم ارشد
الماس سنڌو
غلام نبي ناشاد
سيفو شاعرہ
اميد خيرپوري
سليم هالائي
اختر انصاري اڪبرآبادي
حمل فقير 1
ٺٽوي امام بخش شاھہ فدوي
عبدالله چانڊيو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون