
سيد عبدالله شاهه اصحابيءَ جي درگاهه جو ڏيک
سيد عبدالله شاھہ اصحابي: سنڌ جي هن ڪامل بزرگ جو اصل نالو عبدالله شاھہ حسني هو، سندس مزار مڪليءَ جي قبرستان، ضلعي ٺٽي ۾ آهي. سندن سلسله نسب حضرت عبدالقادر جيلانيءَ سان ملي ٿو. مؤرخن جي راءِ سان هن اويسي طريقي سان نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي زيارت ڪئي هئي، جنهنڪري کين ’اصحابي‘ سڏبو آهي. هي بزرگ سنڌ ۾ مرزا شاھہ بيگ ارغون جي حڪومتي دور ۾ آيو ۽ ساڻس گڏ سيد منبھہ، سيد ڪمال ۽ سيد جمال بہ آيا. پاڻ گهڻو وقت گوشي نشينيءَ ۾ گذاريائين، جنهنڪري ماڻهن کان پري رهڻ لاءِ مڪليءَ کي پنهنجو آستانو بڻايائين.
سيد عبدالله شاھہ اصحابي زندگيءَ جو گهڻو وقت ياد الاهي ۽ عبادت الاهيءَ ۾ صرف ڪرڻ لاءِ ئي گوشه نشيني اختيار ڪئي. عبادت الاهيءَ جي ذوق ۽ شوق سبب شادي بہ نہ ڪيائين ۽ مجردانه زندگي بسر ڪيائين. زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين مڪليءَ تي ئي رهيو.
مؤرخن جا سندس وفات جي تاريخ بابت اختلاف آهن، پر عبدالله شاھہ اصحابيءَ جي مزار ڀرسان هڪ پراڻي مسجد آهي، جنهن تي 1682ع جو سن لکيل آهي، ان ڪري اڪثر تذڪري نگارن جو خيال آهي تہ سندن وفات 17 صفر 1093ھہ بمطابق 15 فبروري 1682ع تي ٿي هئي. تحفة الڪرام ۾ لکيل آهي تہ: ”ڪافي سال گذري وڃڻ ڪري شروع ۾ سندن مدفن واري جاءِ ختم ٿيڻ کي وڃي پهتي هئي تہ هڪ بزرگ حافظ ﷲ گجراتيءَ کي غوث اعظم عبدالقادر جيلانيءَ طرفان باطني حڪم ٿيو تہ ٺٽي پهچي سيد عبدالله شاھہ جي مزار کي ظاهر ڪري ۽ ان جي مرمت وغيرہ ڪرائي. انهيءَ ڪري شاھہ حافظ ﷲ گجراتي پنھنجي ٻن مريدن شيخ محمد يعقوب ۽ خليفي ابو البرڪات کي ساڻ وٺي ٺٽي آيو ۽ ٺٽي ۾ موجود هڪ بزرگ سيد علي ثاني شيرازيءَ کي غوث صاحب جو حڪم ٻڌايائين ۽ ان حڪم جي پيروي ڪيائين. ان کانپوءِ 1931ع ۾ هن بزرگ جي مقبري کي جديد بنيادن تي جوڙيو ويو. هاڻي انهيءَ مقبري تي وڌيڪ ڪم پڻ ٿيو آهي.“
1682.02.15 عيسوي
عبدالله شاهه اصحابيءَ جي مزار ڀرسان هڪ پراڻي مسجد آهي، جنهن تي 1682ع جو سن لکيل آهي، ان ڪري اڪثر تذڪري نگارن جو خيال آهي ته سندن وفات 17 صفر 1093هه بمطابق 15 فبروري 1682ع تي ٿي هئي.