
سيد عبدالحسين موسوي
سيد عبدالحسين موسوي: اديب، استاد عبدالحسين شاھہ موسوي ولد سيد وڌيل شاھہ موسوي، 2 جنوري 1902ع ڌاري روهڙيءَ ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم روهڙيءَ جي مشھور استاد قاضي ميان غلام مهديءَ کان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ هن سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان ۽ ڪراچيءَ جي ڊي. جي. ڪاليج مان بي. اي جو امتحان پاس ڪيائين، جنهن بعد بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي. ٽي جو امتحان پاس ڪري آيو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن تعليم کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ سنڌ جي مختلف هاءِ اسڪولن ۾ استاد ٿي رهيو، جتي پنھنجي قابليت ۽ ذهانت سان تمام گهڻي مقبوليت حاصل ڪيائين. ان دور ۾ سنڌ اندر ميرپور خاص، لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ وڏا وڏا هاءِ اسڪول قائم ٿيل هئا، جتي نهايت ئي قابل ۽ محنتي استادن کي موڪليو ويندو هو. شاھہ صاحب کي بہ انهن تعليمي ادارن ۾ پڙهائڻ جو شرف حاصل رهيو. سيد عبدالحسين موسويءَ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ هڪ ڪامياب منتظم واري حيثيت کان متاثر ٿي، کيس ان وقت سنڌ ۾ قائم ٿيل مسلم اسڪولن جو ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ڪيو ويو. آخر ۾ ڪراچيءَ جي ’سنڌ مدرسة الاسلام‘ جو پرنسپال مقرر ٿيو، جتان کيس ترقي ڏئي پهرين حيدرآباد ڊويزن ۽ پوءِ سکر ڊويزن جو ايڊيوڪيشن آفيسر مقرر ڪيو ويو. آخر ۾ انهيءَ عهدي تان 1957ع ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ شاھہ صاحب حياتيءَ جا باقي ڏينهن مطالعي ۽ تصنيف و تاليف ۾ گذاريا.
سـنـدس تـصنيـفـن ۾: (1) ’تعريف ۽ تقطيع‘، (2) ’جاميٽري‘،
(3) ’تاريخ اسلام‘، (4) ’سڳنڌ‘، (5) ’ديوان بيدل‘، (6) ’سرهاڻ‘،
(7) ’ديوان بيڪس‘، (8) ’وکريل وٿون‘ ڪتاب شامل آهن.
سيد عبدالحسين شاھہ موسوي ميرڪ سبحان علي شاھہ جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ڪو اولاد ڪو نہ ٿيو.
شاھہ صاحب 5 شوال 1386ھہ بمطابق 17 جنوري 1967ع تي وفات ڪئي.
1902.01.02 عيسوي
اديب، استاد عبدالحسين شاهه موسوي ولد سيد وڌيل شاهه موسوي، 2 جنوري 1902ع ڌاري روهڙيءَ ۾ ڄائو.
1967.01.17 عيسوي
سيد عبدالحسين موسوي 5 شوال 1386هه بمطابق 17 جنوري 1967ع تي وفات ڪئي.