سيد عباس علي شاهه رضوي

سيد عباس علي شاهه رضوي

سيد عباس علي شاھہ رضوي

سيد عباس علي شاھہ رضوي: ڪافيءَ ۽ غزل جو مشھور عوامي شاعر، عباس علي شاھہ ولد سيد روشن علي شاھہ رضوي، نئين ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ روشن آباد ۾، 1922ع ڌاري ڄائو. هن جو واسطو شاھہ عنات نصرپوريءَ جي خاندان سان آهي، جيڪو شاھہ لطيف جو وڏو همعصر هو. عباس علي شاھہ 20 سالن جي ڄمار ۾ شاعري شروع ڪئي. مخدوم طالب الموليٰ، رسول شاھہ'>سيد غلام رسول شاھہ جيلاني، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، مرتضيٰ ڏاڏاهي ۽ ٻين سان سندس صحبتون رهيون. سندس ڪلام سنڌ جي مشھور فنڪارن: خان بلوچ'>سونا خان بلوچ،
محمد يوسف، محمد ابراهيم، محمد جمن، مائي ڀاڳي ۽ ٻين ڳايو آهي. هن جي شاعريءَ جا ٽي مجموعا: (1) ’خيال دل‘، (2) ’ساروڻيون سَوَ ساھہ ۾‘ ۽ (3) ’هي در نہ مٽجي دوست جو‘ (2009ع) ڇپيل آهن.
عباس علي شاھہ ڪافي ۽ غزل جو پوئين دور جو اهم شاعر آهي. هن 11 جنوري 2012ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو